Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
ايپلي ڪيشن ۾ هينئر تائين جاري ٿي چڪا سڀ ماهوار PDF جي صورت ۾ موجود آهن، ان کان علاوه سڀني ماهوارن جا مضمون (آرٽيڪل) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگهجي ٿو، سهولت لاءِ سرچ آپشن (Search Option) به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماهوار جو ڪو مضمون وغيره ڳولهي به سگهجي ٿو. توهان به هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب (Motivation) ڏياريو.
بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پکڙيل غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: مسجد جو سامان ذاتي ضرورت لاءِ استعمال ڪرڻ جائز ناهي. وضاحت: ماڻهو مسجد جا فرشي پکا، نُکون، پاڻي وارو پائپ، مسجد جا اسپيڪر، مسجد جي ڏاڪڻ وغيره ڪڏهن ڪڏهن ذاتي ڪمن لاءِ استعمال ڪندا ٓھن، ڪڏهن گهر وٺي ويندا آهن، پوءِ بعد ۾ واپس به ڏئي ويندا آهن ۽ جيڪا مسجد جي شيءِ استعمال ڪئي، ان جي بدلي ۾ مسجد ۾ پيسا وجهي ڇڏيندا آهن، هي غلط انداز آهي. ياد رکو! مسجد جون شيون جيڪي مسجد لاءِ ئي آهن، انهن کي پنهنجي گهر وغيره ۾ استعمال لاءِ وٺي وڃڻ شرعاً جائز ناهي بلڪه حرام ۽ گناهه آهي. ائين ڪرڻ وارا گنهگار ٿيندا آهن، انهن تي لازم آهي ته هن ڪم کان توبہ ڪن ۽ آئنده ائين هرگز نه ڪن. ([1]) بهارِ شريعت ۾ آهي: مسجد جي ڪنهن ننڍي کان ننڍي شيءِ کي بي موقعي ۽ بي محل استعمال ڪرڻ ناجائز آهي. ([2]) اللہ پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد