Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

جي غربت جو ناجائز فائدو کڻي ويچارن سادن مسلمانن کي ڦاسائيندا آهن ۽ آهستي آهستي انهن کي قادياني بڻائي وٺندا آهن. عام عوام جيڪي دين جي وڌيڪ معلومات نه ٿا رکن، اهي وڏي آساني سان انهن جي ڄارَ ۾ ڦاسي پنهنجو ايمان برباد ڪري ويهندا آهن. ان ڪري پنهنجو ايمان بچائڻ خاطر اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان پاڻ به علمِ دين سکون، پنهنجن ٻارن کي به سيکاريون، اسان سڀني جي ديني، ايماني ذميوارين مان اهم ترين ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ٻارن جي نس نس ۾ عقيدهءِ ختمِ نبوت وجهون. پنهنجي گهر وارن کي، ٻارن کي، ڀائٽين کي، ڀاڻيجن کي، مطلب ته هر اهو ٻار جيڪو ڳالهائڻ ڄاڻي ٿو، ان کي هي عقيدو اهڙيءَ طرح ذهن ۾ ويهاري ڇڏيون جو انهن کي ننڊ مان جاڳائي به پڇيو وڃي ته اهي هڪ ئي نعرو لڳائين.

مُحَمَّدِ مصطفےٰ!                     سب سے آخری نبی!        احمدِ مجتبیٰ!                 سب سے آخری نبی!

آمنہ کا لاڈلا!                   سب سے آخری نبی!        شاہِ ہر دوسرا!           سب سے آخری نبی!

عقیدہ غوثِ پاک کا!        سب سے آخری نبی!        اَوْلیا نے بھی کہا!        سب سے آخری نبی!

ہے عقیدۂ رضا!               سب سے آخری نبی!        نعرہ ہے عطّار کا!        سب سے آخری نبی!

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! امير اهلسنّت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جن اهي تمام پيارا نعرا ڏنا آهن، اهي نعرا پنهنجي ٻارن کي ياد ڪرايو، اميرِ اهلسنت جو رسالو آهي: ”سڀ کان آخري نبي“. هي رسالو حاصل ڪري وٺو! گهر ۾ ان جو درس ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻي معلومات حاصل ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ايمان جي حفاظت جو سامان به ٿي ويندو.

جان ڏئي ڇڏي پر ايمان نه وڪيو

مسيلمہ ڪذاب نالي هڪ بدبخت هو، جنهن تاجدارِ ختمِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري زندگي مبارڪ ۾ ئي نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ڇڏي هئي، هڪ ڀيري هن بي لگام صحابي رسول حضرت حبيب بن زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي گرفتار ڪري ورتو. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان مسيلمہ پڇيو: اَتَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَسُوْلُ اللہِ؟ ڇا