Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 22، سورة اَحْزاب جي آيت: 40 ٻڌڻ جي سَعَادت حاصل ڪئي، اَلحمدُ لله! قرآنِ ڪريم جون تقريباً 100 جي قريب آيتون آهن، جن مان عقيدهءِ ختمِ نبوت ثابت ٿئي ٿو، انهن مان هڪ هي آيتِ ڪريمه آهي، جنهن ۾ بلڪل صاف لفظن ۾، نهايت واضح انداز ۾ عقيدهءِ خَتْمِ نبوت جو بيان آهي.

 آيتِ ڪريمه جو شانِ نزول

آيتِ ڪريمه جو شانِ نزول ڪجهه هن طرح آهي ته حضرت زيد بن حارثه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي صحابيءِ رسول آهن، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان      صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڃا نبوت جو اعلان نه فرمايو هو، ان کان پهريان ئي پاڻ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي پنهنجو وات سان چيل پٽ بڻائي ڇڏيو هو.

اسان جي شريعت ۾ وات سان چيل پٽ جي حيثيت الڳ آهي ۽ حقيقي پٽ جي حيثيت الڳ آهي، انهن ٻنهي جا اَحڪام جدا جدا آهن، پردي جي معاملن ۾، وراثت وغيره جي معاملن ۾ وات سان چيل پٽ ڪنهن به طرح حقيقي پٽ جي برابر (Equal) ناهي پر زمانءِ جاهليت ۾ اهو تَصَوُّر موجود هو ته ماڻهو وات سان چيل پٽ کي به حقيقي پٽ ئي سمجهندا هئا. ان ڪري ماڻهو حضرت زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي زيد بن مُحَمَّد چئي سڏيندا هئا. جڏهن اسلام آيو ته جتي ٻين ڪيترين ئي بُرائين کي ختم ڪيو ويو، اتي دورِ جاهليت جي هن غلط نظريي (Wrong Concept) کان به روڪيو ويو، سُورهءِ احزاب ۾ باقاعده طور تي تفصيل سان اهو بيان ڪيو ويو ته وات سان چيل پٽ حقيقي پٽ جيان ناهي. انهيءَ سلسلي ۾ هي آيتِ ڪريمه به نازل ٿي،([1])

الله پاڪ فرمايو:

مَا كَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنْ رِّجَالِكُمْ   (سیپارو:22، سورۀ الاحزاب:40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: محمد توهان جي مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي.


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر، پارہ:22، الاحزاب، زیرِ آیت:40 ، جلد:9 ، صفحہ:171 خلاصۃً۔