Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

خُود میرے نبی نے بات یہ بتا دی: لَا نَبِیَّ بَعْدِی!

ہر زمانہ سُن لے یہ نوائے ہادِی: لَا نَبِیَّ بَعْدِی!

باهه بلڪل اثر نه ڪيو

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآني آيت ۽ انهن احاديث ڪريمه مان ثابت ٿئي ٿو ته عقيدهءِ خَتْمِ نبوت بلڪل سچو ۽ واضح عقيدو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڳجهارت ناهي، نه ئي ان ۾ ڪنهن ٻي راءِ جي ڪا گنجائش آهي.  اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شروع کان ئي مسلمان هن عقيدي تي قائم آهن، بلڪه تاريخ ۾ جنهن جنهن بدبخت به هن عقيدي تي ڌاڙو هڻڻ، نبوت جو ڪوڙي دعويٰ ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي، هر دور ۾ مسلمان پنهنجي قُوَّتِ ايماني سان انهن کي منهن ٽوڙِ جواب ڏيندا آيا آهن. مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صِدِّيق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي دورِ خلافت جي ڳالهه آهي، يمن جو هڪ بدبخت هو، جنهن کي اَسۡود عنسي چوندا هئا، هن بدانجام نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رکي هئي ۽ پنهنجي ڪوڙي نبوت جي تبليغ ڪندو رهندو هو، ڪجهه عرصي تائين يمن ۾ ان جو فتنو ڦهليل رهيو، هي ماڻهن تي ظلم ڪندو هو ۽ انهن کي مجبور ڪري پنهنجو ڪلمو پڙهائيندو هو.

حضرت ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن کي هن اُمَّت جو حڪيم (يعني تمام عقلمند ۽ داناءُ شخص) چيو ويو آهي،([1]) پاڻ تابعي آهن، پاڻ به يمن ۾ ئي رهندا هئا. هڪ ڏينهن اَسۡود عنسي کين زبردستي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ پڇيائين: ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) الله جا رسول آهن؟ فرمايائون: ها، بلڪل. (حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا سچا نبي آهن، منهنجا آقا آهن، مان سندن تي ايمان رکان ٿو.) اسود وري پڇيو: ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مان الله جو رسول آهيان؟ پاڻ (وڏي سادگيءَ سان) فرمايو: مون نه ٻڌو ته تون ڇا ٿو چئين. هي ٻڌي اسود عنسي کي تمام گهڻو غصو آيو، هن فوري طور تي حڪم جاري ڪيو ته هڪ وڏي ۽ خوفناڪ باهه (Fire)


 

 



[1]...حلیۃ الاولیاء،جلد:2،صفحہ:145۔