Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
(3) مون کان پوءِ ڪو نبي يا رسول ناهي
حضرت اَنس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، سرڪارِ دو عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: بيشڪ رسالت ۽ نبوت ختم ٿي وئي، هاڻي مون کان پوءِ نه ڪو رسول آهي نه ڪو نبي. ([1])
مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خُدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان بيمار هيس، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدْمت بابرڪت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي پنهنجي جاءِ تي بيهاريو ۽ پاڻ نماز ۾ مصروف ٿي ويا، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چادر مبارڪ جو ڪجهه حصو مون تي وجهي ڇڏيو، (نماز کان پوءِ) فرمايائون: اي علي! تون ٺيڪ ٿي وئين، تو تي ڪا تڪليف ناهي، مون الله پاڪ کان جيڪو ڪجهه پنهنجي لاءِ گهريو، تنهنجي لاءِ به گهريو ۽ مون جيڪو ڪجهه چاهيو، الله پاڪ مون کي عطا فرمايو، پر مون کي هي فرمايو ويو ته لَا نَبِیَّ بَعْدَکَ يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کان پوءِ ڪو نبي ناهي. حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مان ان وقت ئي اهڙو تندرست (Healthy) ٿي ويس ڄڻ ته بيمار ئي نه هئس. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي تمام مشهور، تمام مختصر ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت کي بلڪل واضح ۽ صاف صاف بيان ڪندڙ وڏي پياري حديثِ پاڪ آهي: لَانَبِیَّ بَعْدِی، مون کان پوءِ ڪو نبي ناهي. بلڪل اهي ئي لفظ يا ان سان ملندڙ جلندڙ، اهڙي ئي معنيٰ ۽ مفهوم جا لفظ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو نه پر بار بار، ڪيترن ئي موقعن تي ارشاد فرمايا. تنهنڪري ڪوشش ڪري هي مختصر حديثِ پاڪ اسان کي به ياد ڪري وٺڻ گهرجي ۽ ٻارن کي به ياد ڪرائڻ گهرجي، حديث شريف آهي: لَا نَبِیَّ بَعْدِی، مون کان پوءِ ڪو نبي ناهي. ([3])