Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
اللہ! اللہ! جيئن ئي ان بدانجام جي قبر کلي، بدبوءِ جو هڪ طوفان اٿيو ۽ پوري علائقي ۾ ڦهلجي ويو، ايتري شديد بدبوءِ هئي جو ماڻهن جا مٿا چڪرائجي ويا ۽ اکين مان پاڻي نڪري آيو. ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. انتهائي غليظ ۽ ڪٽيل ڦاٽل لاش جڏهن قبر مان ڪڍيو ويو ته قبر کوٽڻ وارا به ڏَڪي ويا. خير، جيئن تيئن ڪري گندي لاش کي ڪڍي قاديانين جي حوالي ڪيو ويو. هاڻي قاديانين ان کي پنهنجي ڪنهن گهر جي صحن ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ان مان نڪرندڙ بدبوءِ اڃا به ڦهلجي رهي هئي، ڪجھ ئي ڏينهن ۾ گهر ۾ اهڙي سخت بدبوءِ ڦهلجي جو گهر ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو. آخرڪار قاديانين تنگ اچي ان کي اتان به ڪڍيو ۽ پري ڪٿي فصلن ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اکين ڏٺو حال ڄاڻڻ وارا چون ٿا: جڏهن ٻئي ڀيري ان منڪرِ ختمِ نبوت کي ڪڍيو ويو ته ان مان نڪرندڙ بدبوءِ ڪيترن ميلن تائين ڦهلجي وئي ۽ ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان بدبوءِ کي محسوس ڪندا رهيا. هن عبرتناڪ واقعي کي ڏسي ڪيترائي قادياني مسلمان ٿي ويا، جن مان ڪجهه مئل جي خاندان مان به هئا.
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!
اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ جو واقعو آهي، اتي هڪ رمضان نالي شخص هو جيڪو قبرون کوٽيندو هو، ان جو چوڻ آهي: هڪ ڏينهن مون وٽ ڪجهه قادياني آيا ۽ مون کي هڪ قبر کوٽڻ لاءِ چيو، مون کي معلومات نه هئي ته قادياني ڪير هوندا آهن؟ ان ڪري مون قبر جي کوٽائي ڪري ڇڏي، جڏهن اهي قادياني ماڻهو پنهنجي مردي کي دفنائڻ لاءِ آيا ته مون ۽ اتي موجود سڀني حاضرين پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اوچتو قبر نانگن سان ڀرجي وئي،