Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
بعد آپ کے ہر گز نہ آئے گا نبی نیا واللہ! اِیماں ہے مرا، اے آخری نبی
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ غوثِ پاک کا! سب سے آخری نبی! اَوْلیا نے بھی کہا! سب سے آخری نبی!
ہے عقیدۂ رضا! سب سے آخری نبی! نعرہ ہے عطّار کا! سب سے آخری نبی!
ختمِ نبوت جي منڪرن جو عبرتناڪ انجام
پيارا اسلامي ڀائرو! تاريخ (History) گواهه آهي، جنهن به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ختمِ نبوت جو انڪار ڪيو ۽ ان تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جو انجام نهايت عبرتناڪ ٿيو، آخرت ۾ ان لاءِ جيڪا ذلت آهي، اها ته آهي، الله پاڪ اهڙن کي دنيا ۾ به ذليل ۽ رسوا ڪري ڇڏيندو آهي.
پاڪستان جي شهر ڊيره غازي خان جي هڪ ڳوٺ اله آباد ۾ هڪ گستاخ ۽ بدزبان شخص رهندو هو، جيڪو نه صرف ختمِ نبوت جو انڪاري هو، بلڪه جتي موقعو ملندو هو، پنهنجي غلط عقيدي جي تبليغ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هو، عقيدهءِ ختمِ نبوت بابت تمام گهڻو بڪواس ڪندو هو. انسان ڪجهه به ڪري، آخر موت ته اچڻو ئي آهي، خدا کي منهن ته ڏيکارڻو ئي آهي، ان بدبخت جو به موت آيو، هڪ ڏينهن هي اهڙيءَ طرح عقيدهءِ ختمِ نبوت بابت بڪ بڪ ڪندي مري ويو. جيڪي ماڻهو ان جا هم خيال هئا، اهڙو ئي عقيدو رکندڙ هئا، انهن ان گستاخ کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جو خفيه پروگرام ٺاهيو، پر اها خبر مسلمانن تائين پهچي وئي، مسلمانن علائقي جي پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ان کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. پوءِ ان گستاخ کي الڳ زمين ۾ ئي دفن ڪيو ويو، جيئن ئي ان کي قبر ۾ لاٿو ويو، ماڻهو اڃا واپس ئي موٽيا هئا ته قبر ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، ان جي قبر مان اٿندڙ باهه جا شعلا 3 ڏينهن تائين نظر ايندا رهيا، ماڻهو ان کي ڏسي عبرت وٺندا رهيا، آخر 3 ڏينهن کان