Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

وضاحت:  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي رهيا آهن: اللہ پاڪ حڪيم آهي، ان جو ڪوبه ڪم حڪمت کان بغير ناهي هوندو، نبي موڪلڻ به حڪمت تحت ئي هو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ ڪنهن نئين نبي جي ضرورت صرف ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿي جڏهن سندن آندل دين ۾ ڪا ڪمي رهجي وئي هجي پر اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اللہ پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هر لحاظ کان ڪامل ۽ اڪمل بڻايو آهي، کيس حُسن ڏنو ته اهڙو جو زماني ۾ ڪنهن کي نه مليو، کيس اعليٰ صفتون عطا فرمايون ته ايتريون جو ختم ئي نٿيون ٿين، پاڻ کي معجزا ڏنا ته ڪثرت سان ڏنا بلڪه پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سراپا معجزو بڻائي موڪليو، سندن اخلاق کي ربِّ ڪريم عظيم ڪيو، کين سيرت اهڙي باڪمال عطا فرمائي جو ان ۾ قيامت تائين ايندڙن لاءِ بهترين نمونو موجود آهي، کين شريعت عطا فرمائي ته اهڙي جو ان ۾ قيامت تائين پيدا ٿيندڙ نون نون مسئلن جو حل موجود آهي، پهرين نبين کي جيڪي ڪتاب ۽ صحيفا عطا فرمايا، انهن ۾ ماڻهن پنهنجي طرفان تبديليون ڪري ڇڏيون، پنهنجي مرضي جون ڳالهيون انهن ۾ شامل ڪري ڇڏيون پر تاجدارِ ختمِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ربِّ قدير ڪتاب به اهڙو عطا فرمايو جو قيامت تائين ان ۾ هڪ نقطي جي به تبديلي ممڪن ناهي، مطلب ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم باغِ نبوت جو اهو حسين ترين گل آهن جو هن گل جي مهڪجڻ کان پوءِ باغِ نبوت ۾ هاڻي ڪنهن نئين گل جي ضرورت ئي باقي ناهي رهي.

شہِ انبیا ہے، خُدا کا ہے پیارا                                        وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

مُحَمَّد ہے احمد، ہے سلطانِ بطحا                                      وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے

ماھنامہ فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن

    پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: ماھوار فيضانِ مدينه  (Mahnama Faizan e Madina).هن