Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat
پوءِ قبر ڦاٽي پئي ۽ اتي هڪ تمام وڏو کڏو بڻجي ويو. خبر ڦهلجي وئي ۽ ماڻهو پري پري کان ان عبرتناڪ منظر کي ڏسڻ ايندا رهيا، آخر ان کڏي کي پٿرن سان ڀريو ويو.
وہی دُھوم اُن کی ہے ما شَآءَ اللہ! مٹ گئے آپ مٹانے والے([1])
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!
ہے عقیدۂ رضا! سب سے آخری نبی! نعرہ ہے عطّار کا! سب سے آخری نبی!
جڏهن هڪ قادياني جي قبر کوٽي وئي
پاڪستان جي شهر تونسه شريف جو واقعو آهي. هڪ وڏو امير ڪبير قادياني هو (قادياني ان کي چوندا آهن جيڪي مرزا غلام احمد قادياني کي نبي مڃين ٿا، انهن کي مرزائي ۽ احمدي به چيو ويندو آهي، قادياني ختمِ نبوت جا منڪر ۽ ڪافر و مرتد آهن، جڏهن هي قادياني مري ويو ته) قاديانين ان کي مسلمانن جي مسجد جي صحن ۾ (يعني نماز پڙهڻ جي جاءِ کان هٽي چوديواري جي اندر) دفن ڪري ڇڏيو. مسلمانن کي ان تي وڏي غيرت آئي ته هڪ قادياني جيڪو تاجدارِ ختمِ نبوت جو منڪر هجي، الله ۽ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گستاخ هجي، ان کي مسلمانن جي مسجد جي چوديواري جي اندر دفن ڪيو وڃي. ان ڪري حڪومتي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو ته ان مرتد کي مسجد مان فوري طور تي ڪڍيو وڃي. ڪافي محنتن کان پوءِ آخر مسلمانن جو مطالبو مڃيو ويو ۽ حڪومت حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته ان کي مسجد مان ڪڍي ڪٿي ٻئي هنڌ دفن ڪيو وڃي. هاڻي ان جي قبر کولي وئي.