Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

پهرين وارن کي به ان ئي بڻايو ٭ صرف اهو ئي هڪ خُدا عبادت جي لائق آهي ٭ تنهن ڪري اي انسانو! صرف ۽ صرف انهيءَ ربِ ڪريم جي عبادت ڪيو! ٭ ۽ اهو به ياد رکو ته ان عبادت جو فائدو الله پاڪ کي نه ٿيندو ڇو ته اهو ته بي نياز آهي، بلڪه عبادت جو فائدو توهان کي ئي ٿيندو جو توهان کي تقويٰ جهڙي انمول دولت نصيب ٿي ويندي.

 هاڻي هيءَ آيتِ ڪريمه جيڪا اڄ اسان جو موضوع آهي، ان ۾ الله پاڪ جي هڪ هجڻ ۽ صرف انهيءَ هڪ سچي خُدا جي عبادت جي لائق هجڻ جا ڪجھ وڌيڪ دليل ذڪر ڪيا ويا آهن. جيئن ته ارشاد ٿئي ٿو:

الَّذِیْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ فِرَاشًا وَّ السَّمَآءَ بِنَآءً۪-وَّ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخْرَ جَ بِهٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزْقًا لَّكُمْۚ-فَلَا تَجْعَلُوْا لِلّٰهِ اَنْدَادًا وَّ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۲۲)(سيپارو: 1، البقرة: 22)

ترجمو ڪنزُ العرفان: جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ ان سان توهان جي کائڻ جي لاءِ ڪيئي ميوا پيدا ڪيائين، پوءِ  توهان ڄاڻي واڻي الله جا شريڪ نه بڻايو.

يعني اي انسانو! ٿورو غور ته ڪريو! هڪ الله پاڪ، سچو خُدا ٭ حقيقي خُدا اهو ئي ته آهي جنهن توهان کي به پيدا ڪيو ٭ توهان جي ابن ڏاڏن کي به پيدا ڪيو، صرف ايترو ئي نه، ڪرم مٿان ڪرم فرمايو ٭ احسان مٿان احسان فرمايو ته توهان جي جيئڻ لاءِ طرح طرح جون نعمتون به عطا فرمايائين ٭ اهو ئي خُدا آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻائي ڇڏيو ٭ آسمان کي توهان جي لاءِ ڇت بڻائي ڇڏيو ٭ انهيءَ ئي مينهن وسايو ٭ انهيءَ ئي زمين مان ميوا، گل، ٻوٽا، ڀاڄيون وغيره پوکيون، اهو سڀ ڪجھ ڪنهن جي لاءِ؟ صرف توهان جي لاءِ ته جيئن توهان زمين ۾ هلو، گهمو ڦرو، هتي رهائش اختيار ڪريو! ميون، گلن، ٻوٽن وغيره مان توانائي