Book Name:Tauheed Ke Dalail
نه ڪنهن مقصد لاءِ بڻي آهي، جيڪو ڪو ان جي خلاف استعمال ڪري، ان کي چريو، ديوانو چوندا آهن، جيڪو ٽوپي کي پيرن ۾ پائي ۽ جوتو مٿي تي رکي اهو ديوانو ئي ته آهي، اهڙي طرح جيڪا شيءِ پنهنجو مقصد پورو نه ڪري، اها بي قيمت ۽ بيڪار هوندي آهي، جيڪڏهن گھڙي وقت ئي نه ٻڌائي ته اڇلائڻ جي لائق آهي ۽ جيڪڏهن ٻڪري، ڳئون کير وغيره نه ڏين ته قاصائي کي ڏني ويندي آهي، بس انسان به عبادت لاءِ بڻيو آهي، جيڪڏهن ان مقصد جي برخلاف هلي ته چريو به آهي ۽ بيڪار به.
وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪڏهن اسان پنهنجو مقصدِ حيات پورو نه ڪيو ته سمجھي وٺو ته نمرود جڏهن خدائي جي دعويٰ ڪئي ته مڇر ان جي دماغ ۾ گھڙي ايترو ته پريشان ڪري ڇڏيو جو ڏينهن رات ان جي مٿي تي جوتا لڳندا هئا، ان بدبخت پنهنجي دماغ کي خلافِ مقصد استعمال ڪيو، عبادت ڪرڻ بدران، پنهنجي عبادت ڪرائڻ جو خواهشمند ٿيو ته جوتو جيڪو پيرن ۾ پاتو ويندو آهي، پيرن بدران ان جي مٿي تي پهتو، جنهن جي مٿي ۾ عبادت جو خيال آهي ان تي تاج آهي ۽ جنهن مٿي ۾ نفساني خواهشون آهن، ان تي جوتو آهي.([1])
زِندگی آمد برائے بندگی زِندگی بے بندگی شرمندگی
وضاحت: هيءَ زندگي اسان کي الله پاڪ جي عبادت لاءِ ملي آهي ۽ جيڪڏهن اسان عبادت نه ڪري سگھياسين ته هيءَ زندگي، زندگي ناهي! بلڪه شرمندگي آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اعليٰ حضرت جا والد، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: سڀني ڪمالات جو اصل عبادت آهي ۽ انسان جي اصل عزت بارگاھِ الٰهي ۾ سر