Book Name:Tauheed Ke Dalail
هڪ ڪم آهي جيڪو هرگز نه وسارڻ گهرجي ۽ اهو هڪ ڪم ڇا آهي؟ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ. جيڪڏهن تون چوين! مان هي هڪ ڪم (يعني عبادت) نٿو ڪريان ته نه سهي، ٻيا کوڙ سارا ڪم ته ڪريان ٿو، ياد رک! انسان ٻين ڪمن لاءِ دنيا ۾ ناهي آيو، هي ته ائين آهي جيئن تون تمام قيمتي لوھ جي انمول تلوار جيڪا صرف شاهي خزانن ۾ ئي ملندي آهي، حاصل ڪرين ۽ ان کي گوشت ڪٽڻ جي ڇري بڻائي ڇڏين ۽ چوين: مون ان کي بيڪار ناهي رکيو. ڇا هي افسوس جو مقام ناهي؟ گوشت ڪٽڻ لاءِ معمولي ڇري به استعمال ڪري سگهجي ٿي، ان لاءِ ايتري قيمتي تلوار استعمال ڪرڻ ڇا عقل جي ڳالھ آهي...؟ اي انسان! الله پاڪ تنهنجي وڏي قيمت رکي آهي. ارشاد ٿئي ٿو:
اِنَّ اللّٰهَ اشْتَرٰى مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اَنْفُسَهُمْ وَ اَمْوَالَهُمْ بِاَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَؕ ؕ(سيپارو: 11، التوبھ: 111)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله مسلمانن کان انهن جون جانيون ۽ انهن جا مال ان جي عيوض خريد ڪري ورتا آهن ۽ انهن لاءِ جنت آهي۔
ڏس! الله پاڪ توکي، تنهنجي وقت، تنهنجي جان، تنهنجي مال ۽ ڪاروبار کي خريد ڪري ورتو ته اهي شيون ان جي راھ ۾ خرچ ڪر ته تنهنجي لاءِ هميشه رهڻ واري جنت آهي، الله پاڪ وٽ تنهنجي اهڙي قيمت آهي، جيڪڏهن پاڻ کي دوزخ جي بدلي وڪڻي ڇڏين ته پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارو آهين.([1])
فرشتوں سے بہتر ہے انسان بننا مگر اس میں لگتی ہے محنت زیادہ
جيڪو پنهنجو مقصد پورو نه ڪري، بيڪار هوندو آهي
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اسان کي مثال جي ذريعي سمجھائيندي فرمائن ٿا: دنيا جي هر شيءِ ڪنهن