Book Name:Tauheed Ke Dalail
ماهوار فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: ماهوار فيضان مدينه (Mahnama Faizan e Madina) هن ايپلي ڪيشن ۾ هاڻي تائين جاري ٿيل سڀ ماهوار P.D.F جي صورت ۾ موجود آهن، ان کان علاوه ٭ سڀني ماهوارن جا مضمون (آرٽيڪل) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگهجي ٿو ٭ سهولت لاءِ سرچ آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماهوار جو ڪو مضمون وغيره ڳولهي به سگهجي ٿو. توهان به هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: صَفَرُ المظفّر جي مهيني ۾ ڪو به جائز ڪم مثلاً تعميرات وغيره ڪرڻ منحوس ناهي.
وضاحت: عوام ۾ موجود هڪ غلطي هيءَ به آهي ته بعض ماڻهو هن مهيني ۾ ڪم ڪرڻ کي نقصان ڪار ۽ منحوس سمجھندا آهن، اصل ۾ ائين ناهي. صفر جي مهيني ۾ تعميرات يا ٻيو ڪو به جائز ڪم ڪري سگھجي ٿو، شريعت ۾ ان جي ڪا به ممانعت ناهي ۽ هن مهيني ۾ ڪم ڪرڻ کي نقصانڪار ۽ منحوس سمجھڻ غلط ۽ بي اصل آهي ۽ اهڙي سوچ زمانه جاهليت ۾ موجود هئي جنهن کان اسلام منع ڪيو.
پڻ صفر المظفر ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طبيعت ناساز ٿي هئي پر ان جي ڪري هن مهيني کي منحوس نٿو چئي سگهجي، جيڪڏهن ائين هجي ته جنهن مهيني ۾ حضورِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّمْ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ظاهري وصال شريف ٿيو، ان کي وڌيڪ منحوس قرار