Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

جيڪو هڪ ئي پن کي ايتريون شڪليون عطا فرمائيندو آهي، جڏهن ته پن هڪ، ان جي طبيعت هڪ، (مٽيريل هڪ، بس کائڻ وارا جانور بدلبا ويندا آهن ته ان پن مان تيار ٿيڻ واري شيءِ بدلجندي ويندي آهي. بس جيڪا ذات هڪ پن کي ڪڏهن مشڪ، ڪڏهن کير ۽ ڪڏهن ريشم بڻائيندي آهي، ان کي ئي خدا چوندا آهن)، هيءَ خوبصورت دليل ٻڌي اهي غير مسلم فورا ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.([1])

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے

دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے، وہی خدا ہے

سفید اُس کا، سیاہ اُس کا، نفس نفس ہے گواہ اُس کا

جو شعلۂ جاں کو جلا رہا ہے، بجھا رہا ہے، وہی خُدا ہے

امام اعظم ۽ خدا جا انڪاري

  امامِ اعظم، امام ابوحنيفه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام عقلمند هئا، جيڪي ماڻهو پنهنجي بيوقوفي ۽ بي عقليءَ سبب الله پاڪ جي وجود جو ئي انڪار ڪن ٿا، جن جو چوڻ آهي ته دنيا خود ئي بڻجي وئي ۽ خودبخود ئي هلندي پئي وڃي، امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي دليلن جي ذريعي انهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري اهي ماڻهو جن کي دَهريا چيو وڃي ٿو، امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي جان جا دشمن بڻجي ويا، هڪ ڀيري امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجد ۾ اڪيلا ئي هئا، دهرين موقعو ڏٺو ته تلوارون کڻي کين شهيد ڪرڻ لاءِ اچي ويا، امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏي اطمينان سان فرمايو: منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو! پوءِ جيڪو چاهيو ڪري وٺجو. انهن چيو: ٻڌايو! ڪهڙو سوال آهي؟ فرمايائون: مان هن وقت هڪ وڏي سوچ ۾ آهيان؛ هڪ تمام وڏي ٻيڙي آهي جنهن ۾ طرح طرح جو تجارتي سامان آهي، پر نه ڪو ان جو نگهبان آهي، نه هلائڻ وارو آهي، ان باوجود اها ٻيڙي مسلسل سمنڊ ۾ سفر ڪري ٿي، سمنڊ جي طوفاني لهرن کي چيريندي گذري وڃي ٿي، بيهڻ جي جڳھ تي بيهي ٿي ۽ هلڻ جي جڳھ تي هلڻ لڳي ٿي. هاڻي اهي دهريا جيڪي


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:21-22، جلد:2، صفحہ:333۔