Book Name:Tauheed Ke Dalail
الله! الله! معلوم ٿيو؛ سڄي ڪائنات بڻائي وئي، اسان لاءِ ۽ اسان کي عبادت لاءِ بڻايو ويو.
جانور پیدا کئے تیری وفا کے واسطے چاند، سورج اور ستاروں کو ضیاء کے واسطے
کھیتیاں سر سبز کیں تیری غذا کی واسطے سب جہاں تیرے لئے ہے تُو خدا کے واسطے
پوءِ غور فرمايو! ٭ زمين اسان لاءِ بڻائي وئي، اسان کي فائدو پهچائي رهي آهي؟ جي ها! پهچائي رهي آهي ٭ آسمان اسان لاءِ بڻايو ويو، اسان کي فائدو پهچائي رهيو آهي؟ جي ها! پهچائي رهيو آهي ٭ اهڙي طرح هوا، ڪڪر، مينهن، پاڻي، ميوا، گل، ٻوٽا وغيره اهو سڀ ڪجھ جنهن مقصد لاءِ بڻايا ويا، اهي پنهنجي ان مقصد کي پورو ڪري رهيا آهن؟ جي ها! بلڪل پورو ڪري رهيا آهن....!! هاڻي سوچيو! ڇا اسان پنهنجي مقصد کي پورو ڪري رهيا آهيون؟ اسان کي عبادت لاءِ بڻايو ويو، اطاعت لاءِ بڻايو ويو ٭ اسان نمازون پڙهون ٭ تلاوت ڪريون ٭ الله ۽ رسول جا فرمانبردار ٻانها بڻجون ٭ عزيز رشتيدارن سان ڀلائي ڪريون٭ پاڙيسرين جو خيال رکون ٭ مسلمان ڀائرن سان نيڪ سلوڪ ڪريون، نيڪ ڪم ڪري دنيا ۾ ڪامياب ۽ آخرت ۾ جنت جا حقدار بڻجي وڃون، اسان کي ان لاءِ بڻايو ويو، ڇا اسان اهو مقصد پورو ڪري رهيا آهيون...؟؟
افسوس! دنيا جي هر شيءِ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي، هڪ انسان آهي جيڪو پنهنجي مقصد کي وساري ٻين ڪمن ۾ لڳل آهي.
مشهور صوفي بزرگ مولانا جلال الدين رومي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن بادشاهه توهان کي ڪنهن خاص ڪم سان ڪٿي موڪلي، توهان رستي ۾ ٻيا کوڙ سارا ڪم ڪيو پر اهو خاص ڪم جنهن لاءِ بادشاهه موڪليو آهي، اهو ڪِرڻ وساري ڇڏيو ته ٻڌايو ڇا بادشاهه توهان کان خوش ٿيندو؟ هرگز نه ٿيندو، بس انهيءَ ڪري دنيا ۾ انسان هر ڪم وساري ته وساري پر