Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

نظر بھی رکھے، سماعتیں بھی، وہ جان لیتا ہے نیتیں بھی

جو خانہء لاشعور میں جگمگا رہا ہے، وہی خدا ہے

 سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! خلاصو هي ته هن دنيا جو ذرو ذرو، زمين، آسمان، چنڊ، سج، تارا، ميوا، گل، ٻوٽا، وڏا وڏا وڻ، وهندڙ درياھ، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، خود اسان جو وجود، اسان جا هلندڙ ساھ، اسان جا هٿ، پير ۽ ٻيا عضوا، جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته اهو سڀ ڪجھ الله پاڪ جي وجود ۽ ان جي هڪ هجڻ جا واضح دليل آهن، بس ماڻهو غور تمام گھٽ ڪندا آهن. بهرحال! الله پاڪ آهي، هڪ ئي آهي، اهو ئي سچو خدا آهي، اهو ئي خالق آهي، اهو ئي مالڪ آهي، اهو ئي هڪ سچو خدا عبادت جي لائق آهي.

تُو ہی مالِکِ بحر و بَر ہے، یااللہُ! یَااللہ!

تُو ہی خالِقِ جنّ و بَشر ہے، یااللہُ! یااللہ!

وَصْف بیاں کرتے ہیں سارے، سنگ و شجر اور چاند ستارے

تسبیحِ   ہر   خُشک   و   تَر   یااللہُ!   یااللہ! ([1])

سوچڻ جي هڪ ڳالھ

 پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي سوچڻ جي هڪ ڳالھ آهي، اها هيءَ ته الله پاڪ زمين بڻائي، ڪنهن لاءِ؟ اسان لاءِ. آسمان بڻايو، ڪنهن لاءِ؟ اسان لاءِ، ڪڪرن جو نظام بڻايو، مينهن وسايو، ميوا، گل، ٻوٽا پوکيا، هي پوري ڪائنات تخليق فرمائي، ڪنهن لاءِ؟ اسان جي فائدي لاءِ پر سوچڻ جي ڳالھ هيءَ آهي ته الله پاڪ اسان کي ڪنهن لاءِ پيدا فرمايو؟ ربِ ڪائنات فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (سيپارو: 27، الذّٰريٰت: 56)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ مون جن ۽ انسان انهي لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:92ملتقطًا۔