Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

هيءَ زمين ڪهڙي قدرتن واري خدا بڻائي آهي ٭ الله پاڪ زمين کي نه تمام گهڻو سخت بڻايو، نه تمام گهڻو نرم رکيو، جيڪڏهن زمين گاري وانگر تمام نرم هجي ها ته اسان هتي بيهي نه سگھون ها، جيڪڏهن پهاڙن ۽ لوھ وانگر تمام گهڻي سخت هجي ها ته به اسان جو هتي رهڻ ڏکيو ٿي وڃي ها ٭ الله پاڪ زمين کي تمام گهڻو گرم به نه بڻايو، تمام گهڻو ٿڌو به نه بڻايو، جيڪڏهن زمين تمام گهڻي گرم هجي ها ته اسان گرميءَ سان مري وڃون ها، جيڪڏهن تمام گهڻي ٿڌي هجي ها ته اسان ڏڪي ڪري فنا ٿي وڃون ها ٭ زمين کي وڇاڻي وانگر بڻايو ويو، جيڪڏهن هيءَ زمين ڀت جي شڪل ۾ هجي ها ته به اسان هتي نه رهي سگھون ها ٭ امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: الله پاڪ زمين کي اتر طرف کان مٿي ۽ ڏکڻ طرف کان هيٺ بڻايو آهي، ان سان زمين ۾ لاٿ ٿي وئي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جيترو به مينهن وسي ها، سڄو پاڻي زمين تي بيهي رهي ها، پوري زمين پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي ها ۽ هتي زندگي گذارڻ ناممڪن ٿي وڃي ها، هي ربِ ڪريم جي ڪمال حڪمت آهي، زمين کي لاٿ ڏنائين، جنهن سان پاڻي وهي سمنڊ ۾ پهچي ويندو آهي ٭ اهڙي طرح زمين ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي وئي آهي، زمين هر شيءِ کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺي ٿي، جيڪڏهن توهان کي ڪڏهن اتفاق ٿيو هجي ته ڪٿي جيڪڏهن جانور مري وڃي ته سخت بدبوءِ پکڙجي ويندي آهي، پوءِ آهستي آهستي زمين جا بيڪٽيريا ان جانور کي کائي ويندا آهن ۽ بدبوءِ ختم ٿي ويندي آهي، اندازو لڳايو! شروع کان هاڻي تائين ڪيترا جانور مئا آهن، هاڻي به هزارين مرن ٿا، جيڪڏهن زمين ۾ هي جذب ڪرڻ جي صلاحيت نه هجي ها، زمين جا اهي بيڪٽيريا مئل جاندارن کي ايئن نه کائين ها ته پوري دنيا ڪهڙي مشقت ۾ هجي ها؟ هتي زندگي گذارڻ ڪيترو ڏکيو ٿي وڃي ها پر قربان وڃجي! الله پاڪ وڏين قدرتن وارو آهي، وڏين حڪمتن وارو آهي، هن زمين کي بڻائڻ ۾ جن جن حڪمتن جو لحاظ رکيو ويو آهي، اسان جي سوچ به ايستائين نٿي پهچي سگھي، پوءِ ٻڌايو! هي ڪافر ۽ مشرڪ جن شين کي خدا مڃين ٿا، جن جي سامهون مٿو رڳڙين ٿا، ڇا انهن مان ڪو هڪ به آهي جيڪو اهڙي زمين بڻائي سگھي؟ ناهي، بلڪل ناهي، هي هڪ