Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

سمنڊ ۾ اميد ڪنهن سان لڳائي...؟

   اهلِ بيتِ پاڪ جي مشهور ۽ معروف شخصيت حضرت امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وٽ هڪ ڀيري هڪ دَهريو (Doubt)  يعني خدا جي وجود جو انڪاري) آيو، امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کان پڇيو: ڇا تو ڪڏهن سمنڊ ۾ سفر ڪيو آهي؟ چيائين: جي ها! ڪيو آهي. فرمايائون: ڇا ڪڏهن سمنڊ ۾ ڪو خوفناڪ حادثو به پيش آيو. چوڻ لڳو: جي ها! فرمايائون: ان جي تفصيل ٻڌاءِ! هاڻي اهو دهريو چوڻ لڳو: هڪ ڏينهن سامونڊي سفر دوران سخت خوفناڪ طوفاني هوا هلي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي به ٽٽي وئي ۽ ملاح به ٻڏي مري ويو، مون ٽٽل ٻيڙي جي هڪ تختي کي پڪڙيو ۽ سمنڊ جي طوفاني لهرن تي سفر ڪرڻ لڳس، آخر سامونڊي لهرن جي ڪري اهو تختو به منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ويو، هاڻي مان بي سهارا ايڏي وڏي سمنڊ ۾ تري رهيو هيس، آخر سامونڊي لهرن مون کي ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو (۽ منهنجي جان بچي وئي). هي ٻڌي امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جڏهن تون سمنڊ ۾ لٿي، توکي ٻيڙي ۽ ملاح تي اعتماد هو ته هن ٻيڙي جي ڪري مان سمنڊ پار ڪري ويندس، پوءِ جڏهن ٻيڙي ٽٽي وئي ته توکي ٻيڙي جي هڪ تختي تي ڀروسو ٿي ويو ته ان جي سهاري مان ڪناري تائين پهچي ئي ويندس، پوءِ جڏهن اهو تختو به هٿ مان ڇڏائجي ويو ۽ تون بلڪل بي سهارا رهجي ويئي، ڇا ان وقت به توکي بچڻ جي اميد هئي؟ چوڻ لڳو: جي ها! مون کي اميد هئي. امام جعفر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ان وقت ته ڪو به سهارو موجود نه هو، ان وقت ڪنهن تي اعتماد هو؟ ڪهڙي ڀروسي تي تون بچڻ جي اميد لڳائي رهيو هئين؟ هاڻي اهو شخص خاموش ٿي ويو. امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ان خوفناڪ حالت ۾ به تنهنجي نه چاهيندي به جيڪا هڪ اميد ٻڌل هئي، جنهن هستي تي ڀروسو هو، ان کي ئي خدا چوندا آهن، انهيءَ ئي توکي ٻڏڻ کان بچايو آهي. اوهان جي هي حڪمت ڀري ڳالھ ٻڌي اهو شخص انهيءَ ئي وقت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.([1])


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر،پارہ:1 ،البقرہ،زیرِ آیت:22 ،جلد:1،صفحہ:333۔