Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

ڪائنات جو خالق، ڪائنات جو مالڪ، سچو خدا، حقيقت ۾ عبادت جي لائق صرف هڪ ئي آهي، جنهن جو پيارو پيارو پاڪيزه نالو الله آهي.

ڪنهن عربي شاعر چيو آهي:

وَفِی کُلِّ شَیئٍ لَہٗ آیَۃٌ                                                                                                                                   تَدَلُّ عَلیٰ اَنَّہٗ وَاحِدٌ

 ترجمو:   هر شيءِ ۾ ان جي قدرت جو نشان آهي، هر شيءِ ٻڌائي ٿي ته اهو هڪ سچو خدا آهي.

اللہ واحد و یکتا ہے                                                 ایک خدا بس تنہا ہے

کوئی نہ اس کا ہمتا ہے                                             ایک ہی سب کی سنتا ہے

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

ہر ہر ذَرَّہ ہر قطرہ                                                  شاہِد ہے ہر ہر لمحہ

اس کی قدرت و صنعت کا                                      یکتائی و وَحْدَت کا

لَآاِلٰہَ     اِلَّااللہ،     اٰمَنَّا     بِرَسُوْلِ     اللہ([1])

امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہ جو هڪ مختصر مناظرو

 هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وٽ ڪجھ غير مسلم آيا، انهن امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان سوال ڪيو: ٻڌايو! خدا جي وجود جي ڪهڙي دليل آهي؟ (شايد امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان وقت شهتوت (توت) جي وڻ ويجھو ويٺا هئا، ان ڪري) فرمايائون: هي شهتوت جو وڻ ئي منهنجي قادر ۽ قيوم الله پاڪ جي وجود جي دليل آهي. غير مسلم چيو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: ڏسو! هن شهتوت جو پن جيڪڏهن هرڻ کائي ته اهو مشڪ بڻجي ويندو آهي، انهيءَ ئي پن کي جيڪڏهن ٻڪري کائي ته کير بڻجي ويندو آهي ۽ انهيءَ ئي پن کي جيڪڏهن ريشم جو ڪيڙو کائي ته ان مان ريشم بڻجي ويندو آهي  فَمَنِ الَّذِیْ جَعَلَ ہٰذِہِ الْاَشْیَاءَ کَذَالِکَ مَعَ اَنَّ الطَّبْعَ وَاحِدٌ  ته پوءِ اهو ڪير آهي


 

 



[1]... سامانِ بخشش،صفحہ:32-33بتقدیم و تاخیر۔