Book Name:Tauheed Ke Dalail
جھڪائڻ ۾ ئي آهي.([1]) حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰہِ رَفَعَہُ اللہ جيڪو الله پاڪ لاءِ جھڪي، الله ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي .([2]) سيپارو 22، سُوْرةُ الْفَاطِر، آيت: 10 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
مَنْ كَانَ یُرِیْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِیْعًاؕ (سيپارو: 22، الفاطر: 10)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جيڪو عزت جو طلب گار هجي ته سڄي عزت الله ئي وٽ آهي.
هن آيت جي تفسير ۾ حضرت قتاده رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مَنْ کَانَ یُرِیْدُ الْعِزَّۃَ فَلْیَتَعَزَّزْ بِطَاعَۃِ اللہ جيڪو عزت چاهي، ان کي الله پاڪ جي اطاعت ۾ طلب ڪري يعني عزت خدا جي بندگي سان حاصل ٿيندي آهي.([3])
هڪ ڀيري حضرت شيخ شبلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ماڻهن کي وعظ فرما رهيا هئا، پاڻ روزِ قيامت، حساب، ڪتاب وغيره بابت بيان فرمايو، ماڻهو سندن بيان ٻڌي دانهون ڪري روئڻ لڳا، انهيءَ دوران حضرت ابوالحسن نوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اتان گذر ٿيو، پاڻ فرمايائون: اي شبلي! قيامت جو حساب تمام ڊگهو هوندو، ان جو خلاصو صرف اهي ٻه ڳالهيون آهن، فرمايو ويندو: (1): مَنْ تُرَا بُوْدَمْ (2): تُو کَرَا بُوْدِی يعني اي ٻانها! اسان ته تنهنجا هئاسين (جو اسان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجھ بڻايو)، هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون ڪنهن جو هئين...؟ تو زندگي ڪنهن جي طلب ۾ گذاري آهي؟