Tauheed Ke Dalail

Book Name:Tauheed Ke Dalail

اوهان کي شهيد ڪرڻ لاءِ آيا هئا، انهن چيو: توهان ڪهڙي سوچ ۾ پئجي ويا، ڀلا ڪو عقلمند انسان ائين سوچي سگھي ٿو؟ ايڏي وڏي ٻيڙي، تجارتي سامان سان، طوفاني سمنڊ ۾ بغير هلائڻ واري جي ڪيئن هلي سگھي ٿي؟ امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: بس اهو ئي ته مان چوڻ چاهيان ٿو. جڏهن هڪ ننڍڙي ٻيڙي بغير هلائڻ واري جي نٿي هلي سگھي ته پوءِ هي سڄي دنيا، زمين ۽ آسمان، سج، چنڊ تارا، سڀ ڪجھ پنهنجي ڪم تي لڳل آهن، پابندي سان وقت تي موسمون بدلجن ٿيون، وقت تي رات اچي ٿي، وقت تي ڏينهن چڙهي ٿو ته ايڏي وڏي ڪائنات بغير خالق ۽ مالڪ جي ڪيئن ٿي هلي سگھي؟ هي ڳالھ ٻڌي اهي جيڪي شهيد ڪرڻ آيا هئا، سڀئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا. ([1])

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے

دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے، وہی خدا ہے

انساني خواهشن تي پهرو لڳائڻ واري ذات

  اهڙي طرح هڪ ڀيري امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان سوال ٿيو: الله پاڪ آهي، ان تي ڪهڙي دليل آهي؟ پاڻ فرمايائون: توهان ڏٺو ناهي ته والدين جي خواهش هوندي آهي ته اسان وٽ ڇوڪرو پيدا ٿئي؟ پر ان جي ابتڙ ٿيندو آهي، ڇوڪري پيدا ٿي ويندي آهي، ڪڏهن والدين جي خواهش هوندي آهي: ڇوڪري پيدا ٿئي پر ڇوڪرو پيدا ٿي ويندي آهي، بس اها ذات جيڪا انساني خواهش تي پهرو لڳائي پنهنجي قدرت جو اظهار ڪري رهي آهي، ان کي ئي الله چوندا آهن.([2])

کسی کو سوچوں نے کب سراہا ، وہی ہوا جو خدا نے چاہا

جو اختیارِ بشر پہ پہرے بٹھا رہا ہے، وہی خدا ہے


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر،پارہ:1 ،البقرہ،زیرِ آیت:22 ،جلد:1،صفحہ:333۔

[2]... تفسیرِ کبیر،پارہ:1 ،البقرہ،زیرِ آیت:22 ،جلد:1،صفحہ:333۔