Book Name:Tauheed Ke Dalail
سچو خدا ئي حقيقي خالق آهي، انهيءَ ئي زمين بڻائي، انهيءَ ئي آسمان بڻايا.([1])
تعریف اس خدا کی جس نے جہاں بنایا
کیسی زمیں بنائی، کیا آسماں بنایا
پاؤں تلے بچھایا کیا خُوب فرشِ خاکی
اور سر پہ لاجْوَرْدی اِک سائباں بنایا
خوش رنگ اور خوشبو گُل پُھول ہیں کھلائے
اس خاک کے کھنڈر کو کیا گلستاں بنایا
ہر چیز سے ہے تیری کاریگری ٹپکتی
یہ کارخانہ تُونے کب رائیگاں بنایا
پوءِ ٿورو غور فرمايو! هن دنيا ۾ زندگي جو سڄو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. هاڻي الله پاڪ جي قدرت جو نظارو ڏسو! هن دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا؟ ٻڌايو وڃي ٿو: 8 ارب انسان آهن. پوءِ ٻڌايو وڃي ٿو: دنيا ۾ جيترا انسان هوندا آهن، ان کان 10 ڀيرا وڌيڪ جانور آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۾ 80 ارب جانور آهن. پوءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته دنيا ۾ جيترا جانور آهن، ان کان 10 ڀيرا وڌيڪ پکي هوندا آهن، تنهن ڪري 800 ارب پکي آهن ۽ پوءِ اربين، کربين ٻوٽا آهن، انهن سڀني کي روزانو پاڻي گهرجي ۽ الله پاڪ جي شان ڏسو ته الله پاڪ انهن سڀني کي روزانو پاڻي پهچائي رهيو آهي. دنيا ۾ پاڻي اچڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو آهي: مينهن. توهان چوندؤ: دنيا ۾ کوھ به آهن، آبشار به آهن، درياھ به آهن. پر ٿورو سوچيو ته اهي سڀ بڻيا ڪيئن آهن؟ اچو! ٿورو سمجھو! هن زمين جو تقريبن 67٪ حصو پاڻي آهي پر اهو پاڻي اسان جي استعمال جو ناهي، اهو سمنڊ جو پاڻي آهي، تمام کارو ۽ لوڻياٺو آهي. پر خدا جو شان ڏسو! انهيءَ ئي پاڻيءَ مان بخارات