Book Name:Tauheed Ke Dalail
حاصل ڪريو! ٭ مطلب ته ربِ ڪائنات توهان کي هڪ قطري مان انسان به بڻايو، توهان کي زندگي به بخشي ٭ پوءِ زندھ رهڻ جا سمورا سبب به مهيا ڪري ڇڏيا! ڀلا ٻڌايو ته ڇا الله پاڪ کان سواءِ ڪو ٻيو آهي جيڪو اهو سڀ ڪجھ ڪري سگھي؟ نه...!! بلڪل نه، صرف اهو ئي سچو خُدا، قدرتن وارو ربّ آهي. تنهن ڪري ڪنهن کي ان جو شريڪ نه بڻايو! صرف انهيءَ هڪ خداءِ پاڪ جي عبادت ڪيو!([1])
سب کا پیدا کرنے والا، میرا مولا، میرا مولا
سب سے افضل، سب سے اعلیٰ، میرا مولا میرا مولا
سب کو وہ ہی دے ہے روزی، نعمت اس کی، دولت اس کی
رازِق داتا، پالن ہارا، میرا مولا میرا مولا
ہم سب اس کے عاجز بندے، وہ ہی پالے، وہ ہی مارے
خوبی والا، سب سے نرالا، میرا مولا میرا مولا
طاعت، سجدہ اُس کا حق ہے، اُس کو پُوجَو وہ ہی رب ہے
اللہ اللہ، اللہ اللہ، میرا مولا میرا مولا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
زمين ۽ آسمان جي پيدائش ۾ حڪمتون
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيتري پياري ۽ بلڪل آسان انداز ۾ توحيد جو مسئلو سمجھايو ويو آهي، اسان کي الله پاڪ کي سڃاڻڻو آهي، ان ۾ ڪا به مشڪل ناهي، پاڻ پنهنجي ئي وجود ۾ غور ڪيو! خدا جي سڃاڻپ ملي ويندي، پنهنجي چوڌاري موجود ڪائنات ۾ غور ڪيو! خداءِ پاڪ جي سڃاڻپ ٿي ويندي. ٿورو غور ته فرمايو!