Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

به نه ٿي سگهي، پٿر جو ايترو ننڍڙو ٽڪرو ڪعبي شريف کان جدا ٿيڻ جي نحوست اها ٿي جو مڪي شريف ۾ بيماري پکڙجي وئي، روزانو ماڻهو مرڻ لڳا، جيڪو به ان بيماري جو شڪار ٿيندو هو 3 ڏينهن جي اندر موت جي منهن ۾ هليو ويندو هو، انهيءَ دوران ڪنهن نيڪ ٻانهي کي خواب ذريعي معاملي کان آگاهه ڪيو ويو، تنهنڪري اهو ٽڪرو ڳولي واپس ڪعبي جي ديوار سان لڳايو ويو ته بيماري ختم ٿي وئي.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به ڪعبي شريف جي عزت ڪرڻ، ادب ۽ احترام سان ڪعبي شريف کي ڏسڻ، ان مان برڪتون وٺڻ، غلافِ ڪعبه سان جهومي چنبڙڻ، بابِ ڪعبه کي چمي ڏيڻ، ان سان چنبڙي خوب دعائون ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! ڪعبي شريف جي برڪت سان اسان کي جسماني بيمارين ۽ ان سان گڏوگڏ گناهن جي مرضن کان به شفا نصيب ٿي وڃي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

(4) : ڪعبي شريف ۾ واضح نشانيون آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جي چوٿين خاصيت جيڪا الله پاڪ سيپاري 4، سورة آلِ عمران جي آيت: 97 ۾ بيان فرمائي، اها آهي:

فِیْہِ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ مَّقَامُ  اِبْرٰھِیْمَ ج۬

(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 97)  

ترجموڪنزُ العرفان: ان ۾ پڌريون نشانيون آهن، ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ آهي

تفسيرِ نعيمي ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: هن مان مراد اهو ناهي ته صرف ڪعبي شريف ۾ الله پاڪ جون نشانيون آهن بلڪ مراد اهو آهي ته خود ڪعبي شريف ۾، ان جي آسپاس مسجدِ حرام شريف ۾ بلڪ سڄي مڪي شريف ۽ حدودِ حرم ۾ الله پاڪ جون واضح نشانيون آهن.[2]

اي عاشقانِ رسول! ڪعبي شريف، مسجدِ حرام ۽ مڪي شريف ۾ الله پاڪ جون اهي واضح نشانيون ڪهڙيون آهن؟ ان باري ۾ مفسرين ڪرام


 

 



[1]...شفاء الغرام ،جلد:1 ،صفحہ:352خلاصۃً۔

[2]...تفسیر نعیمی،پارہ:4،سورۂ  آل عمران، زیرِ آیت:97، جلد:4، صفحہ:37 ۔