Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

* ڪعبي شريف وٽ حجرِ اسود آهي، حجرِ اسود به جنتي پٿر آهي، ان کي ڇُهڻ گناهن کي مٽائيندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان پٿر جون 2 اکيون هونديون، جن سان اهو ڏسندو، زبان هوندي جنهن سان اهو ڳالهائيندو ۽ پنهنجي اِسۡتلام ڪرڻ (يعني چُمڻ) واري جي حق ۾ گواهي ڏيندو.[1]

* ڪعبي شريف سان گڏ ئي مطاف آهي، هي اهو مقام آهي جتي ڪعبي شريف جو طواف ڪيو ويندو آهي، ان جڳهه تي 400 انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جون مزارون آهن * ڪعبي شريف سان گڏ ئي حطيمِ پاڪ ۾ سنگِ اسماعيل يعني حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام ۽ انهن جي والده حضرت هاجره رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جون مزارون آهن * انهيءَ ڪعبي شريف جي ويجهو صفا ۽ مروه 2 ٽڪريون آهن * انهيءَ ڪعبي شريف جي ويجهو الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت گاهه آهي * انهيءَ ڪعبي شريف جي ويجهو منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جهڙا مبارڪ مقام آهن * هي ڪعبو شريف ئي آهي جو ان جي عزت جي پيشِ نظر پکي ان جي مٿان ناهن اڏامندا * اهو ئي ڪعبو  شريف آهي جو جڏهن ڪو پکي بيمار ٿئي ته ان جي فضا مان گذري شفا حاصل ڪندو آهي * انهيءَ ڪعبي شريف جي حفاظت لاءِ ابابِيلَن کان  هاٿي مارايا ويا * انهيءَ ڪعبي شريف طرف ماڻهن جون دليون قدرتي طور تي مائل آهن * انهيءَ ڪعبي شريف جي برڪت آهي جو  مڪي شريف ۾ پيداوار ڪا به ناهي پر هتي ڏڪار ناهي پوندو، ماڻهو بکيا ناهن مَرندا * انهيءَ ڪعبي شريف جي برڪت آهي جو  هر سال لکين لک ماڻهو حج لاءِ هتي پهچي ويندا آهن، ان باوجود نه اتي کاڌي جي کوٽ ٿيندي آهي، نه اتي پاڻي گهٽ پوندو آهي. ان کان علاوه قدرت جون ٻيون به کوڙ نشانيون آهن جيڪي ڪعبي شريف ۾، مسجدِ حرام ۾ ۽ مڪي شريف ۾ موجود آهن.[2]


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الحج، باب ماجاء فی الحجر الاسود، صفحہ:254، حدیث:961۔

[2]...تفسیر نعیمی،پارہ:4،سورۂ  آل عمران،زیرِ آیت:97، جلد:4، صفحہ:37 ۔