Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

(5) :  ڪعبو شريف امن جو مقام آهي

 اي عاشقانِ رسول! ڪعبي شريف جي پنجين خاصيت هي آهي ته:

وَ مَنْ دَخَلَہٗ کَانَ اٰمِنًا ؕ

(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 97)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جيڪو ان گهر ۾ داخل ٿيو امن وارو ٿي ويو

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو؛ جيڪو ڪعبي شريف (۽ ان جي آسپاس ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي پکڙيل حرمِ پاڪ) ۾ داخل ٿي ويو، اهو امن ۾ اچي ويو.

مڪي پاڪ ۾ اچڻ واري کي بخشيو  ويندو آهي

عالمَ سڳورا  فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو ڪعبي شريف (يا حدودِ حرم) ۾ داخل ٿي وڃي، ان جي امن ۾ اچڻ جون مختلف صورتون آهن (1): ان جي هڪ صورت ته  هي آهي ته جيڪو خوش نصيب نيڪي جي نيت سان حج يا عمرو وغيره ڪرڻ لاءِ حرمِ پاڪ ۾ پهچي ويندو آهي، اهو قيامت جي ڏينهن عذاب کان امن ۾ رهندو. [1] حديثِ پاڪ ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو حرمِ پاڪ ۾ اچي ويندو آهي، ان کي نيڪيون ملنديون آهن، ان جون برايون دور ڪيون وينديون آهن ۽ ان کي بخشيو ويندو آهي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪعبي شريف جو ڪيڏو عظيم شان آهي جو جيڪو ٻانهو ڪعبي شريف جي قرب ۾ ئي نه پر حدودِ حرم ۾ ئي پهچي ويندو آهي، ان کي نيڪيون ملنديون آهن، گناهه ڌوپجندا آهن ۽ ان کي بخشيو ويندو آهي.[3]

باهه بلڪل اثر نه ڪيو

   قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شفا شريف ۾ لکن ٿا: هڪ ڀيري سَعۡدُون خَوۡلاني وٽ ڪجهه ماڻهو آيا ۽ ٻڌايائون ته فلاڻي قبيلي هڪ


 

 



[1]...تفسیرِ بغوی، جلد:1 ،صفحہ:386۔

[2]...معجمِ کبیر،جلد:5 ،صفحہ:332 ،حدیث:11328۔

[3]...کتاب الشفا، صفحہ:80۔