Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
الله پاڪ جو اهو ارشاد ٻڌي ملائڪن کي لڳو ته شايد اسان جي ان ڳالھ تي الله پاڪ اسان کان ناراض آهي، تنهنڪري هاڻي ملائڪن عرشِ الٰهيءَ جي پناهه ورتي، پنهنجا چهرا مٿي کنيا، عاجزي ڪئي، رُنا ۽ 7 سالن تائين عرشِ الٰهيءَ جو طواف ڪندا رهيا، آخر الله پاڪ انهن ڏانهن نظرِ رحمت فرمائي ۽ عرش جي هيٺان انهن لاءِ 4 ٿنڀن وارو، زبرجد جو هڪ گهر ٺاهيو ۽ ملائڪن کي فرمايائين: هن گهر جو طواف ڪيو. تنهنڪري ملائڪ ان گهر جو طواف ڪرڻ لڳا، انهيءَ کي بيتُ الۡمَعمور چيو ويندو آهي. پوءِ الله پاڪ ڪجهه ملائڪن کي زمين تي موڪليو ۽ حڪم ڏنائين ته زمين تي به بيتُ الۡمَعمور جهڙو ۽ انهيءَ سائيز جو هڪ گهر ٺاهيو. پوءِ جڏهن اهو گهر تعمير ٿي ويو ته الله پاڪ زمين جي مخلوق کي حڪم فرمايو: جيئن آسمان وارا بيتُ الۡمَعمور جو طواف ڪندا آهن، توهان هن گهر جو طواف ڪريو...!![1]
هڪ روايت مطابق حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان، بيتُ الۡمعمور جي بلڪل سامهون ملائڪن ڪعبي شريف جي عمارت ٺاهي، اها ماپ ۾ بيتُ المعمور جي برابر هئي، ان وقت ڪعبي شريف جو طواف ته صرف زميني ملائڪ ڪندا هئا پر ان جو حج زمين ۽ آسمان جا سڀئي ملائڪ ڪندا هئا.[2]
هنن روايتن مان معلوم ٿيو ته زمين جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان زمين جو اهو ٽڪرو پيدا ڪيو ويو هو، جتي اڄ ڪعبو شريف آهي ۽ انسان جي پيدائش کان به 2 هزار سال پهريان ڪعبي شريف جي تعمير ٿي چڪي هئي ۽ ملائڪ ان جو حج به ڪندا هئا. سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ڪعبي شريف جي شانِ اوليت...!!
(2-3) : ڪعبو شريف برڪت ۽ هدايت وارو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جي ٻي ۽ ٽين خاصيت اها بيان ٿي: