Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

جڏهن ته عالمن ان کان واضح طور تي منع فرمايو آهي. بهارِ شريعت ۾ آهي: ميت جي ڏاڙهي يا مٿي جي وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ يا ننهن تراشڻ يا ڪنهن جڳهه جا وار ننڍا ڪرڻ يا ڪترڻ يا پٽڻ ناجائز ۽ مڪروهه تحريمي آهي بلڪ حڪم اهو آهي ته جنهن حالت تي آهي انهيءَ حالت ۾ دفن ڪري ڇڏين، جيڪڏهن (لاعلمي ۾ ڪنهن ميت جا) ننهن يا وار تراشي ورتا ته ڪفن ۾ ئي رکي ڇڏين.[1]

   الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

   یَاقَابِضُ، یَا بَاسِطُ

جيڪو روزانو 30 ڀيرا يَا قَابِضُ، يَا بَاسِطُ پڙهندو رهندو، دشمن تي فتح حاصل ڪندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم[2]

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]...بہارِ شریعت ،جلد:1 ،صفحہ:816،حصہ:4ملتقطًا۔

[2]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:249۔