Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
(1): ڪعبي شريف جي شانِ اَوَّليت
ڪعبي شريف جي پهرين خاصيت اها بيان ٿي ته ڪعبو شريف دنيا جي سڀ کان پهرين عبادت گاهه آهي. حضرت مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: زمين جو اهو ٽڪرو جتي هاڻي ڪعبو شريف موجود آهي، اهو زمين جي تخليق کان 2 هزار سال پهريان ٺاهيو ويو هو ۽ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي: اڃا زمين جي پيدائش نه ٿي هئي، ان کان 2 هزار سال پهريان ڪعبو شريف پاڻيءَ ۾ هڪ دڙي وانگر هو، هتي 2 ملائڪ الله پاڪ جي تسبيح ڪندا هئا، پوءِ جڏهن الله پاڪ زمين جي پيدائش جو ارادو فرمايو ته انهيءَ دڙي مان زمين کي پکيڙيو.[1]
معلوم ٿيو: زمين تي پهريون گهر هجڻ ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي، ڪعبو شريف پوري زمين جو اصل آهي ڇو ته زمين جو اهو ٽڪرو سڀ کان پهريان پيدا ڪيو ويو ۽ انهيءَ مان ئي سڄي زمين پکيڙي وئي. سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ڪعبي شريف جي شانِ اوليت...!!
ڪعبي شريف جي عمارت ڪڏهن ٺاهي وئي؟
هڪ ڀيري حضرت امام زينُ الۡعابدين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حطيمِ ڪعبه ۾ تشريف فرما هئا، هڪ شخص سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: سائين...!! ڪعبي شريف جو طواف ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ ڇو شروع ٿيو؟ ۽ ڪيئن ڪيو ويندو هو؟ امام زينُ الۡعابدين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: جڏهن الله پاڪ ملائڪن کي ٻڌايو ته مان زمين ۾ پنهنجو خليفو (يعني حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي) بڻائڻ وارو آهيان، ان وقت ملائڪن هن ريت ظاهر ڪيو ته اسان خلافت جا وڌيڪ حقدار آهيون، ان تي الله پاڪ ارشاد فرمايو:
قَالَ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ (۳۰)
(سيپارو: 1، سوره بقره: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ مان اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نه ٿا ڄاڻو.