Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هنن مبارڪ آيتن جو خلاصو بيان ڪندي فرمائن ٿا: يعني اي مسلمانو! اي سڀئي انسانو! * يقين سان ڄاڻي وٺو ته سڄي زمين تي سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان افضل گهر جيڪو ماڻهن جي ديني ۽ دنياوي فائدن لاءِ ٺاهيو ويو اهو ئي آهي جيڪو مڪي شريف ۾ آهي. * بيت المقدس جيڪو مُلڪِ شام (موجوده فلسطين) ۾ آهي، اهو درجي ۾ به ڪعبي کان پوءِ آهي ۽ فضيلت ۾ به ڪعبي شريف کان پوءِ آهي. * هي (يعني ڪعبو شريف) وڏين برڪتن وارو گهر آهي. هي صرف انسانن لاءِ نه پر سڀني جهانن لاءِ هدايت جو باعث ۽ انهن جو رهنُما آهي. * ڪعبو تعميرِ ابراهيمي آهي. ڪعبه  * معظمه وٽ مقامِ ابراهيم پٿر موجود آهي. * وڌيڪ ان جهڙيون هزارين قدرت جون نشانيون جيڪي ڪعبي شريف (۽ ان جي آسپاس حدودِ حرم) ۾ موجود آهن. * مطلب ته جيئن اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بي مثل ۽ بي مثال آهن، ائين ئي انهن جو ڪعبو به بي مثال قبلو آهي. اي مسلمانو! توهان غير مسلمن جون ڳالهيون نه ٻڌو! توهان ڪعبي جي حج لاءِ تيار رهو! جيڪو طاقت رکندو هجي، اهو ضرور ڪعبي جو حج ڪري، خيال رکو! جيڪڏهن توهان طاقت هوندي به حج تي نه ويا يا حج جو انڪار ڪري غير مسلم بڻجي ويا ته توهان کان ته ڇا الله پاڪ سڄي جهان کان بي پرواهه آهي، ڪعبي شريف جي آبادي ۽ اتي جو حج توهان تي موقوف ناهي، اتي هميشه رونق لڳل ئي رهندي.[1]

ڪعبي شريف جون 6 خاصيتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هنن آيتن ۾ الله پاڪ ڪعبي شريف جون 6 خاصيتون ذڪر فرمايون آهن (1): ڪعبو شريف پهرين عبادت گاهه آهي (2): ڪعبو شريف برڪت وارو آهي (3): ڪعبو شريف سڀني جهانن لاءِ هدايت جو باعث آهي (4): ڪعبي شريف ۾ الله پاڪ جون واضح نشانيون آهن (5): ڪعبو شريف امن جو مقام آهي (6): ڪعبي شريف جو حج ڪيو ويندو آهي.


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:4 ،سورۂ آلِ عمران،زیرِ آیت:96-97،جلد:4،صفحہ:31 و39 خلاصۃً۔