Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

مُبٰرَکًا  وَّ ھُدًی  لِّلْعٰلَمِیْنَ     ۚ(۹۶)

(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 96)

ترجموڪنزُالعرفان: برڪت وارو آهي ۽ سڄي جهان وارن جي لاءِ هدايت آهي.

مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ڪعبو شريف انسانن، جنن بلڪه ملائڪن جو به قبلو آهي، ان ڪري ان کي عالَمِين (يعني سڀني جهانن) جي هدايت فرمايو ويو ۽ هي انسانن کي جنت جي هدايت ڏئي ٿو، ان ڪري هُدًي (يعني هدايت ڏيڻ وارو) فرمايو ويو.[1]

منقول آهي ته ڪعبو شريف قيامت جي ڏينهن پهرين رات جي ڪنوار وانگر اٿاريو ويندو ته جن ماڻهن ان جو حج ڪيو اهي ان جي پردن سان لٽڪيل هوندا ۽ ان جي چوڌاري طواف ڪري رهيا هوندا ايستائين جو ڪعبو شريف جنت ۾ داخل ٿيندو ته اهي به ان سان گڏ داخل ٿي ويندا.[2]

ڪعبي شريف جون نراليون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ ڪعبي شريف جي هڪ خاصيت اها به بيان ٿي ته ڪعبو شريف مبارڪ يعني برڪت وارو مقام آهي. يقيناً ڪعبي شريف جون کوڙ ساريون برڪتون آهن، انهن مان هڪ اهم برڪت اها به آهي ته ڪعبي شريف جي برڪت سان شفا ملندي آهي. عالِمَ فرمائن ٿا: مڪي وارن جو سالن کان اهو دستور رهيو آهي ته ڪو ٻار پيدائشي گونگو هوندو هو ته ان کي ڪعبي شريف ۾ آڻيندا هئا ۽ ڪعبي شريف جي دروازي جي چاٻي ان جي وات ۾ رکندا هئا جنهن جي برڪت سان اهو ٻار ڳالهائڻ لڳندو هو.[3]

بيماري ڪيئن دور ٿي...؟

علامه احمد بن علي فاسِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: 433 هجري سن جي ڳالهه آهي، ڪعبي شريف جي هڪ ڪنڊ رڪنِ يماني مان آڱر جي برابر پٿر جو ٽڪرو ٽٽي پيو، ماڻهن جو ان طرف توجھ نه ويو، تنهنڪري ان جي مرمت


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی ،پارہ:4 ،سورۂ عمران ،زیرِ آیت:96 ،جلد:4 ،صفحہ:31۔

[2]...احیاء  علوم الدین ،کتاب اسرار الحج ،الفصل الاول  فی فضائل الحج…الخ،جلد:1 ،صفحہ:319۔

[3]...شفاء الغرام جلد:1 ،صفحہ:353خلاصۃً۔