Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
حملو ناهي ڪندو، اهڙي طرح جيڪو هتي اچي پناهه وٺندو آهي، الله پاڪ ان کي پناهه عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.[1]
حضرت حُوَيۡطَبۡ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: دورِ جاهليت جي ڳالهه آهي، مان ڪعبي شريف جي ويجهو ويٺو هيس، ايتري ۾ هڪ عورت اتي آئي، ان جو مڙس ان تي ظلم ڪري رهيو هو، عورت پنهنجي مڙس خلاف ڪعبي شريف جي وسيلي سان پناهه گهري پر مڙس کي اڃا به حيا نه آئي، هن جيئن ئي عورت ڏانهن هٿ وڌايو ته ان جو هٿ شل يعني سُڪي ويو.[2]
معلوم ٿيو: جيڪو ٻانهو ڪعبي شريف جي قرب ۾ اچي پناهه گهري، ان کي پناهه ڏني ويندي آهي.
(6): ڪعبه شريف جو حج ڪيو ويندو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جي خاصيتن جي بيان ۾ اهو به ارشاد ٿيو ته:
وَ لِلّٰہِ عَلَی النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْہِ سَبِیْلًا ؕ وَ مَنْ کَفَرَ فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ (۹۷)
(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 97)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ الله جي لاءِ ماڻهن تي هن گهر جو حج فرض آهي جيڪو ان تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو ۽ جيڪو انڪار ڪري ته الله سڀني جهانن کان بي پرواھ آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! اها به ڪعبي شريف جي ئي خاصيت آهي ته زمين مٿان ٻيو ڪٿي به حج نٿو ٿئي. غير مسلمن مسلمانن تي اعتراض ڪندي چيو هو ته بيت المقدس انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جو قبلو آهي، الله پاڪ هن آيت ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته بيتُ المقدس جيڪڏهن کوڙ سارن انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جو قبلو رهيو آهي ته يقيناً اها بيتُ المقدس جي فضيلت آهي پر * ڪعبو