Kaba Shareef Ki Khasosiyat

Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat

شريف اهو مقدس مقام آهي جو زمين جي پيدائش کان وٺي قيامت تائين جيڪڏهن ڪنهن جو طواف ڪيو ويندو هو، ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيو ويندو ته اهو ڪعبو شريف ئي آهي* اهو ڪعبو شريف ئي آهي جو انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام به ان جو حج ڪندا هئا * ابُوالۡبشر حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام برِصغير ۾ رهائش فرما هئا، هڪ روايت مطابق پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام هتان پيادل هلي 70 حج ڪيا بلڪ حضرت ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي روايت ۾ آهي: حضرت آدم   عَلَیْهِ السَّلَام برِصغير مان پيادل هلي 1000 ڀيرا مڪي شريف تشريف وٺي آيا، انهن ۾ 300 ڀيرا سندن حج فرمايو ۽ 700 عمرا ادا فرمايا * حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام به حج ادا فرمايو * حضرت هود عَلَیْهِ السَّلَام به حج ڪيو * حضرت صالح عَلَیْهِ السَّلَام * حضرت شعيب عَلَیْهِ السَّلَام به حج ڪيو * بلڪ حديثِ پاڪ ۾ ته آهي: انهن سڀني انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جن جي قومن تي عذاب آيا، جڏهن انهن جي قوم هلاڪ ٿي ويندي هئي ته اهي مڪي شريف تشريف وٺي ايندا هئا ۽ دنيا مان رخصت ٿيڻ تائين اتي ئي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا.[1]

مطلب ته: اها ڪعبي شريف جي ئي خاصيت آهي جو جيترن به انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام حج ڪيو، صرف ۽ صرف ڪعبي شريف جو ئي حج ڪيو، دنيا ۾ ٻيو ڪو اهڙو مقام ناهي جتي حج ٿيو هجي يا آينده ڪڏهن ٿي سگهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ذوالقعده شريف جو مبارڪ مهينو جاري آهي، اهو مبارڪ مهينو آهي جو هن ماهِ ذيشان ۾ حج جا قافلا روان دوان هوندا آهن، الله ڪري ته اسان جو به نصيب چمڪي، اسان کي به حج ۽ عمري جي سعادت نصيب ٿئي، اسان به مڪي پاڪ پهچون، طوافِ ڪعبه جي سعادت حاصل ڪريون، جهومي جهومي ڪعبي شريف جي چوڌاري ڦيرا لڳايون، ڪڏهن غلافِ ڪعبه سان چنبڙون، ڪڏهن حجرِ اسود کي چُمون. الله ڪري ته اسان غريبن کي به حج جي سعادت ملي وڃي.


 

 



[1]...سُبُلُ الْهُدیٰ، جلد:1، صفحہ:209تا211 خُلاصۃً۔