Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
الله پاڪ اسان سڀني کي مڪي ۽ مديني جو عشق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
دارالافتاء اهلسنت (Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) ايپ جو تعارف
دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: (Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دارالافتاء اهلسنت). هي ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊوائيسز مان آساني سان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ * مختلف موضوعن تي پڇيل سوالن جا جواب آڊيو، وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * احڪامِ تجارت * فرض علوم ڪورس * ۽ تجارت ڪورس به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهي. توهان به هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: ميت جي مٿي يا ڏاڙهي وغيره جا وار ڪٽڻ مڪروهه تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته ميت کي وڏو غسل ڏيڻ (يعني غير ضروري وار ڪٽڻ) ضروري هوندو آهي، ائين نه ڪجي ته گنهگار ٿينداسين جڏهن ته شرعي مسئلو ائين ناهي. اسان جي معاشري ۾ اسلامي معلومات جي ڪميءَ سبب ڪجهه بلڪل غلط ۽ غير شرعي ڳالهيون مشهور آهن، انهن مان هڪ ميت جا غير ضروري وار ڪٽڻ کي ضروري سمجهڻ آهي،