Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
علماءِ ڪرام هنن آيتن جو شانِ نزول ڪجهه هن ريت بيان فرمايو آهي ته هڪ ڀيري غير مسلمن، مسلمانن تي اعتراض ڪيو ته توهان جو قبلو ڪعبو شريف آهي ۽ اسان جو قبلو بيتُ المقدس (يعني مسجدِ اقصيٰ) آهي ۽ بيت المقدس جيئن ته ڪعبي شريف کان افضل آهي، تنهنڪري اسان جو دين توهان جي دين کان افضل آهي. پنهنجي ان دعويٰ تي انهن غير مسلمن ڪجهه دليل ڏنا: مثال طور هڪ دليل هنن اهو ڏنو ته بيت المقدس پهرين تعمير ٿيو ۽ ڪعبي شريف جي تعمير بعد ۾ ٿي، تنهنڪري بيت المقدس کي شانِ اوليت حاصل آهي، ان مان ثابت ٿيو ته بيت المقدس افضل آهي. اهڙي طرح بيت المقدس انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جو به قبلو رهيو آهي، تنهنڪري بيت المقدس ڪعبي شريف کان افضل آهي.[1] ان تي اهي آيتون نازل ٿيون.
الله پاڪ فرمايو:
اِنَّ اَوَّلَ بَیْتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیْ بِبَکَّۃَ مُبٰرَکًا وَّ ھُدًی لِّلْعٰلَمِیْنَ (ۚ۹۶) فِیْہِ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ مَّقَامُ اِبْرٰھِیْمَ ۬ۚ وَ مَنْ دَخَلَہٗ کَانَ اٰمِنًا ؕ وَ لِلّٰہِ عَلَی النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْہِ سَبِیْلًا ؕ وَ مَنْ کَفَرَ فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ (۹۷)
(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 96. 97)
ترجموڪنزُ العرفان: بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ماڻهن جي عبادت جي لاءِ بڻايو ويو اهو آهي جيڪو مڪي ۾ آهي برڪت وارو آهي ۽ سڄي جهان وارن جي لاءِ هدايت آهي ان ۾ پڌريون نشانيون آهن، ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪو ان گهر ۾ داخل ٿيو امن وارو ٿي ويو ۽ الله جي لاءِ ماڻهن تي هن گهر جو حج فرض آهي جيڪو ان تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو ۽ جيڪو انڪار ڪري ته الله سڀني جهانن کان بي پرواھ آهي