Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
شخص کي قتل ڪيو، پوءِ ان جي لاش کي باهه ڏني پر حيرت جي ڳالهه هئي جو رات دير تائين ان جو جسم باهه ۾ رهيو، ان جي باوجود ان تي باهه ڪو به اثر نه ڪيو، ايستائين جو ان جو اڇو رنگ باهه ۾ سڙڻ کان پوءِ به ائين جو ائين ئي رهيو. سَعۡدُون خولاني اها ڳالهه ٻڌي چيو: ان مرڻ واري شخص 3 حج ڪيا هوندا؟ ماڻهن ٻڌايو: ها! ان 3 حج ڪيا هئا. ان تي سَعۡدُون خَوۡلاني چيو: مون کي اها ڳالهه پهتي آهي ته جيڪو ٻانهو هڪ حج ڪري، ان پنهنجو فرض ادا ڪيو، جنهن ٻيو حج ڪيو، ان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ قرض پيش ڪيو ۽ جنهن 3 حج ڪيا الله پاڪ ان جي جسم ۽ جسم تي ڦٽندڙ وارن کي جهنّم تي حرام فرمائي ڇڏي ٿو.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي ڪعبي شريف جي عظيم برڪت...!! جيڪو خوش نصيب ڪعبي شريف ۾، حدودِ حرم ۾ اچي ويندو آهي، حج جي سعادت حاصل ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي عذاب کان نجات عطا فرمائي ڇڏي ٿو. هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو حرمين مان ڪنهن هڪ (يعني مڪي شريف يا مديني پاڪ) ۾ وفات ڪري، اهو منهنجي شفاعت حاصل ڪندو ۽ قيامت جي ڏينهن امن وارن سان گڏ اٿندو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! حرمِ پاڪ ۾ داخل ٿيڻ وارو امن ۾ اچي ويندو آهي، ان جي هڪ صورت عالمن اها لکي آهي ته جيڪو خوش نصيب حرمِ پاڪ ۾ داخل ٿي ويندو آهي، الله پاڪ مخلوق جي دل ۾ ان لاءِ شفقت رکي ڇڏيندو آهي[3] ايستائين جو جيڪڏهن شڪار ڪرڻ وارو جانور ڪنهن ٻئي جانور (مثال طور شينهن هرڻ تي حملو ڪري رهيو هجي) ۽ اهو جانور ڊوڙي حدودِ حرم ۾ پهچي وڃي ته شڪاري جانور ان کي ڇڏي ڏيندو آهي، ان تي