Book Name:Kaba Shareef Ki Khasosiyat
فرمائن ٿا * ڪعبي شريف وٽ مقامِ ابراهيم موجود آهي. * مقامِ ابراهيم هڪ جنتي پٿر آهي ۽ اهو مبارڪ پٿر آهي جنهن تي بيهي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ڪعبي شريف جون ڀِتيون مٿي ڪيون * مقامِ ابراهيم اهو مبارڪ پٿر آهي جو حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ان تي بيهندا هئا، ڪعبي شريف جون ڀِتيون مٿي ڪندا هئا، جيتري ڀِت مٿي ٿيندي ويندي هئي، اهو پٿر به مٿي ٿيندو ويندو هو ۽ شام جو جڏهن حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام لهندا هئا ته اهو پٿر هيٺ ٿي ويندو هو * مقامِ ابراهيم اهو مبارڪ پٿر آهي جو حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ان تي قدم مبارڪ رکيا ته اهو ايترو نرم ٿي ويو جو ان حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي قدمن جا نشان پنهنجي سيني تي کڻي ورتا جيڪي هزارين سال گذرڻ باوجود اڃا تائين موجود آهن * الله پاڪ ان پٿر کي ايتري عظمت بخشي جو سڀني حاجين جا سر ان طرف جهڪائي ڇڏيا، فرمايائين.[1]
وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰھٖمَ مُصَلًّی ؕ
(سيپارو: 1، سوره بقره: 125)
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ اي (مسلمانو!) توهان ابراهيم جي بيهڻ جي جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو.
* ڪعبو شريف ئي اهو مبارڪ مقام آهي جو ان جي ويجهو زم زم شريف جو کوهه آهي* زم زم اهو مبارڪ پاڻي آهي جو اهو انهيءَ مقصد لاءِ آهي جنهن مقصد لاءِ ان کي پيتو وڃي* زم زم شريف شفا لاءِ پيتو وڃي، الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو[2]* زم زم شريف اُڃ لاهڻ لاءِ پيتو وڃي ته اڃ لهندي، بک مِٽائڻ لاءِ پيتو وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بک ختم ٿيندي * اهو ئي مبارڪ پاڻي آهي جنهن کي ان جي عظمت جي ڪري بيهي، قبلي طرف رخ ڪري پيتو ويندو آهي * زم زم ئي اهو مبارڪ پاڻي آهي جو ان کي پي ڪري جيڪا دعا گهري وڃي پوري ٿيندي آهي.
یہ زَمْزَمْ اس لئے ہے جس لئے اس کو پیئے کوئی اسی زَمْزم میں جنت ہے، اسی زَمْزمْ میں کوثَر ہے([3])