Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

ڪرڻ وارن غريب اسلامي ڀائرن کي  ”فيضان سنّت“ خريد ڪري ڏيڻ، پنهنجن دوڪانن، مارڪيٽن، مسجدن، پاڙي وارن، آفيسن، ڪاليجن وغيره ۾ شيخ طريقت امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جا اصلاحي رسالا يا بيانن جون ڪيسٽون (آڊيو، ويڊيو) ورهائڻ جي لاءِ پنهنجي رقم راههِ خدا ۾ خرچ ڪندا آهن، انهن سڀني جي لاءِ خوشخبري آهي ته الله تبارڪ و تعالٰي انهن جي مال کي وڌائيندو ۽ ان جي ثواب ۾ 700 ڀيرا وڌائيندو، ان تي بس ناهي، وڌيڪ ارشاد فرمايو وڃي ٿو:

وَاللہ یُضٰعِفُ لِمَنۡ یَّشَآءُ

ترجمو ڪنزالايمان : (۽ الله ان کان به وڌائي جنهن جي لاءِ چاهي)

اچو! ترغيب جي لاءِ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي جُودو عطا جا وڌيڪ واقعا ٻڌون ٿا اسان کي به دين جي اشاعت، مسجدن، مدرسن جي خدمت، مسلمانن جي مالي مدد ۽ راهه خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ملي.

پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جا واقعا

غزوه حُنين ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايتري قدر ڪثرت سان سخاوت فرمائي جنهن جو انداز نٿو لڳائي سگهجي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڳوٺن ۾ رهڻ وارن ۾ گهڻن کي 100،100 اُٺ عطا فرمايا. (بخاری،۳/۱۱۸،حدیث:۴۳۳۷)

حضرت صفوان بن اُميّه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ (اسلام آڻڻ کان پهريان غزوه حُنين جي موقعي تي) ٻڪرين جو سوال ڪيو، جنهن سان ٻن پهاڙن جو وچولو جهنگ ڀريل هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو سڀ ان کي ڏئي ڇڏيو. انهن پنهنجي قوم ۾ وڃي چيو: ”اي منهنجي قوم! توهان اسلام آڻيو! الله (عَزَّوَجَلَّ) جي قسم! محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) اهڙي سخاوت فرمائيندا آهن فقر (محتاجي) جو خوف ئي ناهي ٿيندو“. (مشکاۃ المصابیح ،کتاب الفضائل والشمائل،ج۲، ص۳۴۶،حدیث۵۸۰۶)

حضرت سعيد بن مُسيّب رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته حضرت صفوان بن اُميّه