Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

حضرت سَيّدُنا مَجمَع اَنصَاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ بزررگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي متعلق بيان ڪن ٿا ته انهن فرمايو؛ الله عَزَّوَجَلَّ جو مون تي دنيا (جي آسائشن) کان بچائڻ وارو احسان، اِن (يعني دنيا) جي ڪشادگي (مثلًا مال ۽ دولت وغيره) جي صورت ۾ ملڻ واري نعمت کان افضل آهي. ڇو ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي لاءِ دنيا کي پسند ناهي فرمايو، انهيءَ لاءِ مون کي اهي نعمتون جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ پسند فرمايون، انهن نعمتن کان وڌيڪ پياريون آهن، جيڪي ان پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ ناپسند فرمايون. (شعب الايمان، ج 4، ص. 117، حديث 4489)

ياد رکو!دنيا جي مال ۽ دولت جي ڪثرت ۽ ان جون گھڻيون آسائشون هجڻ بيشڪ نعمت آهي پر انهن شين کان بچي رهڻ ئي وڏي نعمت آهي. 

 (نيڪي جي دعوت، ص. 35)

دنيا مٺي سرسبز آهي

رحمتِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ معظم آهي؛ دنيا مٺي سر سبز آهي، جيڪو ان ۾ حلال طريقي سان مال ڪمائي ٿو ۽ صحيح حقن ۾ خرچ ڪري ٿو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ثواب عطا فرمائيندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو ۽ جيڪو ان ۾ حرام طريقي سان مال ڪمائي ٿو ۽ ان کي غيرِ حق ۾ خرچ ڪندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي دار الهوان (يعني ذلت  جي گهر) ۾ داخل فرمائيندو۔ (شعب الايمان، ج. 4، ص. 396، حديث 5527)

حضرت عَلّامَه عبدُالرَّؤف مَنَاوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ  پاڪ جي تحت فيض القدير ۾ تحرير فرمائن ٿا؛ معلوم ٿيو ته دنيا فِی نَفۡسِھٖ (يعني اصل ۾) مذموم نه آهي، ڇو ته هي آخرت جي ٻني آهي، ان لاءِ جيڪو شخص شريعت جي اجازت سان دنيا جي ڪا شي حاصل ڪري، ته هي شي آخرت ۾ ان جي مدد ڪندي آهي. (فيض القدير،ج. 3، ص. 728، تحت الحديث 4273)  اسان کي به گهرجي ته ضرورت کان وڌيڪ دنيا جي پويان ڀڄڻ ۽ حرام ذريعا اختيار ڪري مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جي بجاءِ