Book Name:Sakhawat e Mustafa
ادا فرمائي ڇڏيو، جيڪو ان جي رسول تي هيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ان مال مان ڪجهه باقي به بچيو آهي؟ مون عرض ڪيو ؛ جي ها. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ ”مون کي ان کان به بي تعلق ڪريو! جيستائين هي ڪنهن ٺڪاڻي نه لڳندو، مان گهر نه ويندس“ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نمازِ عشاء کان فارغ ٿيا ته مون کي گهرائي ان بقيه مال جو حال دريافت ڪيو، مون عرض ڪيو؛ اهو مون وٽ آهي ڪير سوالي نه مليو. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جو مسجد ۾ ئي رهيا. ٻئي ڏينهن نمازِ عشاء کان پوءِ مون کي ٻيهر گهرايو، مون عرض ڪيو؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله عَزَّوَجَلَّ اوهان کي سَبُڪدوش ڪري ڇڏيو. هي ٻڌي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تڪبير چئي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو، ڇو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڊپ هئو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو موت اچي وڃي ۽ اهو مال مون وٽ هجي. ان کان پوءِ مان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پويان هلڻ لڳس، ايستائين جو پاڻ سڳورا ڪاشانه اقدس ۾ تشريف کڻي ويا. (سنن ابو دائود، ج 3، ص. 230-232، حديث 3055)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جي پياري آقا، محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر سخي آهن. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا جو ٿورو مال به پاڻ وٺ رکڻ پسند نه فرمائيندا هئا، بلڪه جيستائين ماڻهن ۾ تقسيم نه فرمائي ڇڏن، ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا هئا، پاڻ کي ڪنهن شيء جي ضرورت هجڻ جي باوجود به غريبن ۽ محتاجن تي صدقو ڪري ڇڏيندا ۽ سائل کي ايترو نوازيندا هئا جو ان کي ٻيهر گهرڻ جي حاجت ئي پيش نه ايندي، پر افسوس! صد افسوس! اسان جي حالت اها رهي آهي ته دنيا جي محبت دل مان گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي ۽ هر وقت دنيا جون نعمتون ۽ آسائشون وڌائڻ ئي جي ڌُن لڳل هوندي آهي.