Book Name:Sakhawat e Mustafa
سخاوت جا فضائل ۽ بخل جي مذمت حديثن مبارڪن ۾ پڻ صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبین جي واقعن کي پڙهو اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان بخل جي عادت نڪري ويندي ۽ سخاوت جو ذهن بڻجي ويندو.
پنهنجي دل مان مال ۽ دولت جي محبت کي ڪڍي ڇڏيو ڇو ته جيستائين مال ۽ دولت جي محبت دل ۾ رهندي الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ ڏيڻ لاءِ دل نه چوندي حضرت سيّدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! جيڪو درهم يعني دولت جي عزت ڪري ٿو الله ربّ العزت ان کي ذلت ڏئي ٿو منقول آهي سڀ کان پهرين درهم ۽ دينار ٺهيا ته شيطان ان کي کڻي پنهنجي پيشاني تي رکيو پوءِ ان کي چميو ۽ چيو، جنهن ان سان محبت ڪئي اهو منهنجو غلام آهي.
(اِحیا ءُ العُلُوم ج۳ص۲۸۸) آداب طعام،ص۳۶۶)
پنهنجي دل ۾ مسلمان ڀاءُ جي خيرخواهي جو جذبو پيدا ڪيو جيئن ته پنهنجي دوستن مٽن مائٽن پاڙي وارن جي خيريت پڇندا رهو انهن جي ڏک تڪليف ۾ شريڪ تي ڪري توفيق جي مطابق انهن جون حاجتون پوريون ڪريو فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو ڪنهن مسلمان جي دنياوي پريشاني پري ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ قيامت جي پريشانين مان هڪ پريشاني پري ڪري ڇڏيندو جيڪو تنگدست جي لاءِ دنيا ۾ آساني فراهم ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي لاءِ آسانيون پيدا فرمائيندو ۽ جيڪو دنيا ۾ ڪنهن مسلمان جي پردا پوشي ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي پردا پوشي فرمائيندو ۽ ماڻهون جيستائين مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي الله عَزَّوَجَلَّ ان جي مدد فرمائيندو رهندو آهي. (جامع التر مذی ،کتاب البر والصلۃ ، باب ماجاء فی الستر ۃ علی المسلم ، رقم ۱۹۳۷ ،ج ۳، ص ۳۷۳)