Book Name:Sakhawat e Mustafa
سلامتي نصيب فرماءِ. اهو مرندي وقت ڪلمو پڙهڻ جي سعادت ماڻي. ان جي قبر جنت جو باغ بڻجي، ياربّ العزت! اهو بي حساب جنت ۾ داخل ٿي وڃي ۽ جيڪو وڌيڪ يونٽ جمع ڪرائي، مالڪ ڪريم ان تي وڌيڪ رحمتون نازل ٿين ۽ گڏوگڏ جنت الفردوس ۾ ان کي پياري حبيب آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙيسري بڻجڻ نصيب ٿي وڃي. جيڪو منهنجو مدني پٽ ۽ مدني ڌيءَ ٻين کي يونٽ جمع ڪرائڻ جي ترغيب ڏين، ان ڪم جي لاءِ تيار ڪن يا ان جي لاءِ ڪنهن به طريقي سان ڪوشش ڪن، انهن تمام جي حق ۾ به هي دعائون قبول فرماءِ .
دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم
اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله
پيارا اسلامي ڀائرو! رحم دِل، نيڪ طبيعت بڻجڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ ۽ بااخلاق ۽ باڪردار بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! زِندگي ۾ بهار ايندي، ڪردار سٿرو ٿيندو ۽ دين ۽ دنيا جون کوڙ ساريون ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
هند جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي کان پهريان شراب نوشي، عَياشي ۽ هُل هنگامو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، والدين ۽ پاڙيسرين کي تنگ ڪرڻ، جُوا کيڏڻ منهنجو ڏينهن رات جو ڪم هو۔ هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمّيدار اسلامي ڀاءُ اِنفرادي