Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

(4) دل مان بغض ۽ ڪينو ڪڍي ڇڏيو!

پنهنجي دل مان ڪنهن مسلمان جي لاءِ بغض ۽ ڪينو هجي ته ڪڍي ڇڏيو ڇو ته دل ۾ نفرت هوندي ته ان تي خرچ ڪرڻ يا ڪهڙي به طرح همدردي ڪرڻ تي دل راضي نه ٿيندو انهي لاءِ بغض ۽ ڪينو پري ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ محبت پيدا ڪرڻ لاءِ سلام ۽ هٿ ملائڻ به مفيد آهي. حديث پاڪ ۾ آهي ته هٿ ملائيندا رهو ڪينو پري ٿيندو تحفو ڏيندا رهو محبت وڌندي ۽ بغض پري ٿيندو. (موطااما م مالک، کتاب حسن الخلق ، باب ماجاء فی المھاجرۃ ، رقم ۱۷۳۱ ، ج ۲ ، ص۴۰۷)

(5) ديني ماحول سان وابسه ٿي وڃو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن توهان صدقو ۽ خيرات جو ذهن رکڻ چاهيو ٿا دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسه ٿي وڃون اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان بخل جي بيماري سان گڏو گڏ ٻين برائين کان به ڇٽڪارو نصيب ٿيندو ۽ نيڪ ٿيڻ جو جذبو نصيب ٿيندو.

ٽيلي ٿون جي ترغيب

اي عاشقان رسول! دعوتِ اسلامي جو ديني ڪم سڄي دنيا ۾ عام ٿي رهيو آهي 80 کان وڌيڪ مختلف شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. * دعوت اسلامي هاڻي تائين هزارين مسجدون ٺاهي چڪي آهي * علم دين جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين مدرسة المدينه قائم ڪري چڪي آهي * لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، معلّم، عالم و مفتي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاحِ امت ۽ ڪردار سازي جو ڪم جاري آهي، لکين عاشقانِ رسول! مونکي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشس ڪرڻي آهي جي حصول جي ڪوشش ۾ لڳل آهن * متعدد دارُالافتاء اهل سنّت قائم ٿي چڪا آهن، جتي مفتيانِ ڪرام اُمّت جي شرعي رهنمائي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن * المدينةُ العلميه (Islamic Research Center) ۾ مختلف موضوعن تي بي شمار ديني ڪتاب  ڇپجي چڪا آھن