Book Name:Sakhawat e Mustafa
شهنشاههِ نبوت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شانِ سخاوت بيان ڪندي حضرت سيدنا عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا؛ رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي آهن ۽ سخاوت جو دريا سڀ کان وڌيڪ ان وقت جوش تي هو، جڏهن رمضان ۾ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان جبرئيلِ امين عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ملاقات جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا۔ جبرئيلِ امين عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام (رمضان مبارڪ جي) هر رات ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان سان گڏ قرآنِ عظيم جو دؤر فرمائيندا هئا. ”رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تيز لڳڻ واري هوا کان به وڌيڪ خير جي معاملي ۾ سخاوت فرمائيندا هئا“ (فيضانِ سنت، بحوالو صحيح بخاري، ج. 1، ص. 9، حديث 6)
واہ کیا جُود و کرم ہے شہِ بطحا تیرا نہیں سنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا
ڪڏهن ڪنهن کي خالي نه موٽايائون
حضرت سيدنا جابر بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪڏهن ڪنهن سائل کي جواب ۾ لَا ( يعني نه) جو لفظ ناهي فرمايو. (شفاء شريف، جلد 1، ص. 111) هڪ ڀيري حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت سراپاءَ اقدس ۾ 70 هزار درهم آندا ويا ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي درهم هڪ تڏي تي رکيا ۽ وٽ بيهي ورهائڻ لڳا ڪنهن به سوالي کي خالي نه موٽايو ايستائين جو ان کان آزاد ٿي ويا. (اخلاق النبى وآدابه لابی الشيخ الاصبهانى،واماماذكرمن جوده وسخائه، الحديث:۹۵، ص۳۰،فيه ذكرسبعين الف درهم )
لَا وَ رَبِّ ا لْعَرْش جس کو جو مِلا اُن سے مِلا
بٹتی ہے کونین میں نِعمت رَسُوْلُاللہ کی
ہم بھکاری وہ کریم ان کا خُدا ان سے فُزوں
اور نہ کہنا نہیں عادت رَسُوْلُاللہ کی