Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته نَبّي رَحمَت شَفِيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن کان ڪا شيء وٺندا هئا، قيمت ادا ڪرڻ کان پوءِ ان کي يا ڪنهن ٻئي کي عطا فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري حضرت سَيّدُنَا جَابِر بِن عَبدُالله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ اُٺ خريد ڪيو پوءِ اهو اُٺ ان کي تحفي ۾ عنايت فرمائي ڇڏيو. (صحیح البخاری ،کتاب البیوع،ج۲،ص۱۸، حدیث۲۰۹۷)

اهڙي طرح اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت سَيّدُنَا عُمرِ فَارُوق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان اُٺ جو ٻچو خريد ڪيو، پوءِ اهو حضرت سيّدنا عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جن کي عطا فرمايو. (بخاری ،۲/۲۳،حدیث:۲۱۱۵)

پيارا اسلام ڀائرو! اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر سخاوت فرمائڻ وارا هئا جو جيڪا شيء پنهنجي ضرورت لاءِ خريد ڪئي هوندي هئي اها به تحفي ۾ ڪنهن کي عطا فرمائي ڇڏيندا هئا. اسان کي به گهرجي ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ان پياري سنّت تي عمل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ جي نيّت سان هڪ ٻئي کي تحفو پيش ڪرڻ جي عادت بڻايون ڇو ته تحفو ڏيڻ سان محبت وڌندي ۽ نفرت ختم ٿيندي آهي جيئن ته حضرت سَيّدُنا عَطاء خُراساني رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ”هڪ ٻئي سان هٿ ملايو ان سان ڪينو ختم ٿيندو آهي تحفو ڏيندا رهو، پاڻ ۾ محبت وڌندي ۽ دشمني ختم ٿيندي رهندي “.(مشکوٰۃ المصابیح،کتاب الادب، باب ماجآء فی المصافحہ ،الحدیث ۴۶۹۳،ج۲،ص۱۷۱)

حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي ٻئي عمل مجرَّب (آزمايل) آهن جنهن سان هٿ ملائيندا رهو ان سان دشمني ناهي ٿيندي، جيڪڏهن اتفاقًا ڪنهن سان دشني ٿي وڃي به ان جي برڪت سان رڪجندي ناهي. ائين هڪ ٻئي کي تحفو ڏيڻ سان نفرتون ختم ٿينديون آهن. (مراۃ المناجیح ،۶/۳۶۸)