Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن اُن داڻي وانگر جنهن ڄمايا ست سنگ هر سنگ ۾ سؤ داڻا الله ان کان به زياده وڌائي ٿو جنهن لاءِ گهري، ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ مال خرچ ڪندا ته اهو مالڪ ۽ مولا جيڪو زمين ۽ آسمان ۽ سڄي جهان جو خالق ۽ مالڪ آهي اهو ڪريم ۽ جواد ربّ عَزَّوَجَلَّ ڪرم فرمائيندو ۽ اسان جي مال کي وڌائيندو. ڪيترائي خوش نصيب مسلمان اهڙا آهن جيڪي پنهنجي مال جا واجب حق ادا ڪندا آهن خوش دليءَ سان وقت تي زڪوٰة ۽ فطرو ادا ڪندا آهن پنهنجو مال ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ۽ اولاد تي خرچ ڪندا آهن، پنهنجي عزيز مٽن مائٽن جي موت تي انهن جي ايصال ثواب لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ خرچ ڪندا، سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد ملهائيندا ۽ نيڪ نيّت سان شفاء خانا ٺهرائيندا آهن، ماڻهن جي حقن جو لحاظ رکندي اخلاق سان قرآن خواني ۽ اجتماعِ ذِڪر ونعت ۽ سنّتن ڀريي اجتماعن جي منعقد ڪرڻ تي خرچ ڪندا آهن، مسجدن ۽ مدرسن جي تعمير ۾ حصو وٺندا آهن درس ۽ تدريس، درسِ نظامي يعني عالمِ ڪورس ڪرائڻ ۾ تعاون ڪندا آهن مثلاً استادن جي پگهار شاگردن جا ڪتاب، کاڌو، رهائش ۽ ٻيا خرچ وغيره پورا ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندا آهن، قرآن ڪريم (حفظ ۽ ناظره) جي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. مسجد جي انتظامي معاملن مثلاً بجلي ۽ سوئي گيس جا بل وغيره جمع ڪرائيندا يا ان ۾ حصو وٺندا آهن. دين اسلام جي شهرت، سنّتن کي زندهه ڪرڻ، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ الله پاڪ جي ڏنل مال مان خرچ ڪندا آهن. مثلاً مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارن غريب اسلامي ڀائرن جا خرچ ڏئي، سنّتن ڀريي درس جي آرزو