Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته ان شاءالله الڪريم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪتا لکندس * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!                                              صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سخاوت

حضرت عبدالله هَوزَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن کان روايت آهي ته مقامِ حلَب (شام) ۾ مؤذنِ رسول حضرت سَيّدنَا بِلال رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ مان ان کان رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خرچ جي باري ۾ پڇيو، ته انهن ٻڌايو ته رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ جيڪو ڪجهه (مال) هوندو هو، ان کي خرچ ڪرڻ جي ذمه داري منهنجي هوندي هئي، بعثت کان وفات شريف تائين هي ڪم منهنجي حوالي رهيو. جڏهن ڪو بي لباس مسلمان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ايندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي حڪم فرمائيندا هئا ۽ مان ڪنهن کان قرض وٺي ۽ چادر خريد ڪري ان کي پهرائيندو ۽ کاڌو کارائيندو هيس۔ هڪ ڏينهن هڪ مُشرِڪ مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: اي بِلال! توهان مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان قرض نه وٺندا ڪريو، مون وٽ گهڻو مال آهي. مون ايئن ئي ڪيو(يعني ان کان بعد جڏهن به قرض وٺڻ جي ضرورت پيش آئي ته مون ان کان ئي ورتو) هڪ ڏينهن مان وضو ڪري اذان ڏيڻ لاءِ اُٿيس ته ڇا ٿو ڏسان ته اهو مُشرِڪ ڪيترن ئي تاجرن سان گڏ مون وٽ آيو ۽ مون کي گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو؛ ”توهان کي ڪجهه معلوم آهي وعدي ۾ ڪيترا ڏينهن باقي آهن“ مون چيو؛ وعدي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. ان