Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

چيو ته صرف چار ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، جيڪڏهن هن مدّت ۾ توهان قرض نه ادا ڪيو ته مان توهان کي غلام بڻائي ٻڪريون چارائيندس جيئن ته توهان پهريان چاريندا هيو. هي ٻڌي مون کي فڪر ٿيو. ايستائين جو مون عشاء جي نماز پڙهي ڇڏي ته رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي ڪاشانهِ اقدس ۾ تشريف کڻي ويا، مان اجازت وٺي حاضرِ خدمت ٿيس ۽ عرض ڪيو: ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين. اهو مشرڪ جنهن کان مان قرض وٺندو آهيان، ان مون کي هيئن هيئن چيو آهي، توهان وٽ به قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ۽ مون وٽ به ڪجهه ناهي، اهو مون کي ٻيهر رسوا ڪندو“ مون کي اجازت ڏيو ته مان انهن ماڻهن وٽ هليو وڃان جيڪي مسلمان ٿي ويا آهن. ايستائين جو الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ايترو مال عطا فرمائي جو جنهن سان منهنجو قرض ادا ٿي وڃي. هي چئي مان اتان هليو آيس. صبح جي وقت وڃڻ جي ارادي سان جڏهن مان ٻاهر نڪتس ته هڪ شخص ڀڄندو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، اي بلال! رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان کي گهرايو آهي“ مان اتي پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته سامان سان ڀريل چار اُٺَ موجود آهن. مون اندر اچڻ جي اجازت گهري ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ مبارڪ هجي! الله تعالي تنهنجي قرض جي ادائيگي جو سامان ڪري ڇڏيو، پوءِ فرمايو؛ تون چار اُٺَ ڏٺا ؟ مون عرض ڪيو، جي ها. پاڻ سڳورن فرمايو ته هي اُٺَ فَدَڪ جي حاڪم موڪليا آهن، هي ان تي رکيل ڪڻڪ ۽ ڪپڙا سڀ توهان رکو ۽ ان مان پنهنجو قرض ادا ڪيو. مون حڪم جي تعميل ڪندي ايئن ئي ڪيو، پوءِ مان مسجد ۾ آيس ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي سلام عرض ڪيو، ته پاڻ سڳورن جن پڇيو! هن مال مان تو کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿيو؟ مون عرض ڪيو، الله عَزَّوَجَلَّ اهو تمام قرض