Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

وٽ بخيل عالم کان بهتر آهي.

)سنن الترمذی ، کتاب البروالصلة ، باب ماجاء فی السخاء،۳/ ۳۸۷ ،حدیث :۱۹۶۸ بتغیرقلیل(

5.   اي انسان جيڪڏهن تون بچيل مال خرچ ڪري ڇڏيندي ته تنهنجي لاءِ سٺو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي روکي رکندي ته تنهنجي لاءِ برو آهي ضرورت جيترو پاڻ وٽ رک ته توتي ملامت ناهي ۽ ڏيڻ تي پنهنجي گهر وارن کان شروعات ڪيو ۽ مٿيون هٿ هيٺين هٿ کان بهتر آهي.

(صحیح مسلم: کتاب الزکاۃ، الحدیث:۱۰۳۶،ص۵۱۶)

هن حديث جي شرح ۾ حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته يعني پنهنجي ضرورتن کان بچيل مال خيرات ڪري ڇڏڻ تنهنجي لاءِ فائديمند آهي ڇو ته ان مان تنهنجو ڪو به ڪم نه رُڪندو ۽ توکي دنيا ۽ آخرت جي عيوض (بدلو) ملندو ۽ ان کي روڪي ڇڏڻ پاڻ تنهنجي لاءِ برو آهي ڇو ته اها شيءِ سڙي يا ڳري وڃي يا ٻي طرح زياه ٿي وڃي ۽ تون ثواب کان محروم ٿي وڃين، ان لاءِ حڪم آهي ته نئون ڪپڙو پاءَ ۽ پراڻو ڪپڙو خيرات ڪري ڇڏ، نوان جوتا ربّ تعالٰي توکي ڏئي ته پراڻا جوتا جيڪي توهان جي ضرورت کان بچيل آهن ڪنهن فقير کي ڏئي ڇڏ ته تنهنجي گهر جو ڪچرو نڪري ويندو ۽ ان جو ڀلو ٿي ويندو.مزيد فرمائن ٿا ان ۾ ٻه حڪم بيان ٿي ويا هڪ اهو جيڪو مال ان وقت کان وڌيڪ آهي سڀاڻي ضرورت پوندي، ان کي سنڀالي رکو، اڄ نفلي صدقو ڏئي ڪري سڀاڻي پاڻ نه پنو، ٻيو هي ته خيرات پهرين پنهنجي عزيز غريبن کي ڏيو پوءِ غيرن کي ڏيو ڇو ته عزيزن کي ڏيڻ ۾ صدقو به آهي ۽ صلح رحمي به. (مرآۃ المناجیح شرح مشکاۃ المصابیح، ج۳،ص۷۰۔۷۱) 

سخاوت جي دولت ماڻڻ جو ذهن ڪيئن بڻايون؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به سخاوت جي عادت ٺاهڻ چاهيون ٿا ته اچو! ان جي متعلق ڪجهه مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون.