Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

مون وٽ سفر جو خرچ به نه آهي! هن خيال ۾ غمگين ٿي ويس. ٻي رات، مَحۡبُوبِ رَبّ، شَهِنشَاهِ عَرَب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خواب ۾ وري زيارت ٿي، پر مان پنهنجي غربت جو ذڪر نه ڪري سگهيس اهڙي طرح ٽين رات به خواب ۾ بارگاه رسالت مان حڪم ٿيو ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“. مون سوچيو ته جيڪڏهن مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چوٿون دفعو خواب ۾ تشريف کڻي آيا ته مان پنهنجي غربت جو ذڪر ڪندس

آہ! پلّے زَر نہیں رَخْتِ سفر سرور نہیں

تم بُلا لو تم بُلانے پر ہو قادِر یانبی

چوٿين رات وري سرورِ ڪائنات شاهِ مَوجُودَات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي غريب خاني ۾ جلوه گر فرمائي ۽ ارشاد فرمايائون ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“ مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”منهنجا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ خرچ نه آهي.“ ارشاد فرمايائون ”تون پنهنجي گهر ۾ فلاڻي جڳهه کوٽ اتي تنهنجي ڏاڏي جي تلوار موجود هوندي“ ايترو فرمائي ڪري سلطانِ بحروبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي ويا صبح جڏهن منهنجي اک کلي ته آئون ڏاڍو خوش هيس نماز فجر کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌايل جڳهه کوٽي ته اتي واقعي قيمتي تلوار موجود هئي اها بلڪل صاف سٿري هئي ڄڻ ته ان کي ڪنهن استعمال نه ڪيو هو مون ان کي چار هزار دينارن ۾ وڪڻيو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪيو. اَلْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ! شنهشاهه رسالت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظر عنايت سان حج جي خرچ جو انتظام پاڻ ئي ٿي ويو.

(عیون الحکایات ص۳۲۶ملخصًا،از عاشقانِ رسول کی 130 حکایات،ص۸۴)

جب بُلایا آقا نے                                                                           خُود ہی اِنتِظام ہو گئے

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!                                              صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد